حيدرآباد (ن س) سنڌ ترقي پسند پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي نئي صوبن واري بحث کي رڌ ڪندي سڄي سنڌ ۾ نوابشاھ ، ٺٺو ، حيدرآباد ، بدين سجاول ، ٽنڊو محمد خان ۽ ڪراچي ۾ جلسا ۽ پريس ڪانفرنسون ڪوٺائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ، حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ھي صوبا پاڪستان جا خالق آھن ، اسان آزادانه طور تي پاڪستان ۾ شامل ٿيا ھئاسين، پاڪستان کي جمھوري ملڪ ٺاھڻ جي خواھش رکون ٿا، ان ڪري اسان جدوجهد ڪندا آھيون، محسن نقوي چيو آھي ته ملڪ نه ٿو ھلي سگھي ، ان جو مقصد پاڪستان عملي طور تي ختم ٿي ويو آھي، جن 1943 ۾ پاڪستان جي حق ۾ قراردار پيش ڪئي، انھن کي گھرائي چون ته وفاق اسان کان نه ٿو ھلي سگھي توھان پنھنجا پنھنجا علائقا سنڀاليو، آئون چيلينج ٿو ڪريان ڪراچي کان ڪشمور تائين اچي ڪنھن به چوڪ تي ڳالھ ڪري ۽ واپس پنھنجي پيرن تي ھليو ويو ته اسان پنھنجون دعوائون واپس وٺنداسين، ڪرپٽ سياستدان پاڪستان جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھي، اسان چئون ٿا سنڌو درياء جو پاڻي 6 ڪڙوڙ عوام کي پالڻ وارو آھي، سنڌ جي جاگرافي اسان جي مارڻ مرڻ جي مقدس آھي ، پنجاب جي تقسيم ڪرڻ جو فيصلو پنجاب جي عوام ڪندي ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي تقسيم ڪرڻ جو فيصلو اتي جي عوام ڪندي ، پر سنڌ کي اسان ڪنھن به صورت ۾ تقسيم نه ڪرڻ ڏينداسين اھو اسان جو فيصلو آھي.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته توھان نوجوانن کي ھٿيار ڏنا، مصطفيٰ ڪمال وري چوي ٿو ته پنھنجي گھرن جو سامان کپائي ھٿيار وٺو، اگر توھان ھٿيار کنيا ته توھان سنڌ ۾ سياست ڪندا، الطاف حسين اھا حرڪت ڪئي ته ھو ھن وقت تائين لنڊن ۾ ويٺو آھي، مصطفيٰ ڪمال کي به سنڌ چڏي دبئي نه ڀڄڻو پوي، ملي ڪري سوچڻ جي ضرورت آھي، نوان صوبا نامنظور جو نعرو ھڻڻ وارن کي توھان اچو ماريو، توھان جون گوليون کُٽي وينديون پر سنڌين جا سينا نه کٽندا، ڪٿي ائين ته ناھي جو اھڙا سلوگن ھلائي فيلڊ مارشل کي ھٽائڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، آئون سنڌ ۾ رھندڙ ھر ننڍي وڏي ثقافتي قوم جي نمائندگي ڪريان ٿو نه صرف سنڌين جي پر سنڌ ۾ رھندڙ ھر ماڻھون سنڌي آھي، اھڙو ڪو فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي کان ڪمون شھيد تائين روڊن تي عوام جا سٿا ھوندا،هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنھنجو موقف ڏئي ڇڏيو، مولانا فضل الرحمٰن پنھنجو موقف ڏئي ڇڏيو، پي ٽي آئي کي به پنھنجو واضح موقف ڏيڻ گھرجي. سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران 28 تاريخ تي گھگر ڦاٽڪ کان ڪيٽي بندر تائين ريلون ڪڍنداسين ۽ ٺٺي ۾ اسان جو جلسو ٿيندو، 3 آڪٽوبر تي اسان جو جلسو ڊگڙي ۾ ٿيندو ، 9 آڪٽوبر تي بدين ۾ جلسو ٿيندو ، 16 آڪٽوبر تي ٽنڊو محمد خان ۾ جلسو ڪنداسين، 23 آڪٽوبر تي سجاول ۾ اسان جو جلسو ٿيندو، 30 آڪٽوبر تي مٽياري ۾ جلسو ڪنداسين، نوابشاھ ۾ 6 نومبر تي جلسو ڪنداسين، 11 آڪٽوبر تي آل سنڌ قومي ڪانفرنس ڪنداسين ، جنھن ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين رھندڙ اديب ، دانشور ، شاعر ، صحافي ۽ سياسي جماعتن جا اڳواڻ شامل ھوندا ، 15 نومبر تي ڪراچي ۾ ريلي ھوندي ۽ شاھرائي قائدين تي جلسو ڪنداسين، سنڌ منھنجي امان جي نالي سان بينر پنھنجي گاڏين تي ھڻنداسين. محسن نقوي ۽ سندس ٽولي جي ننڍ حرام ڪرڻ لاء ايترو ڪافي آھي ته سڄي سنڌ ۾ چاقنگ جو آغاز ڪيو وڃي سنڌ منھنجي ماءُ، سنڌ ميري ماءُ ، اھو سڀ آسان انڪري ڪري رھيا آھيون ته پاڪستان کي ڀت سان نه لڳايو وڃي.










