سنڌ ۾ فوتي ۽ معذور ڪوٽا تي ڀرتين جو فيصلو

سنڌ ۾ فوتي ۽ معذور ڪوٽا تي ڀرتين جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه مختلف کاتن ۾ فوت ۽ معذور ڪوٽا تي ڀرتي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سندس صدارت م ٿيل اجلاس ۾ هن اهڙي هدايت ڏني ۽ اجلاس ۾ سنڌ سرڪار جي مختلف کاتن ۾ فوتي ڪوٽا هيٺ 364 نوڪريون ڏيڻ جي منطوري به ڏني. اجلاس ۾ مختلف کاتن جي سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ 49، صحت کاتي ۾ 39، روينيو کاتي ۾ 14، آبپاشي کاتي ۾ 30 ۽ خوراڪ کاتي ۾ 9 ڀرتيون ڪرڻ جي منظوري، اسڪول ايجوڪيشن ۾ 108، ورڪس اينڊ سروسز ۾ 60، زراعت ۾ 14، پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ 11، ايڪسائيز ۾ 3 ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ 11 نوڪريون فوتي ڪوٽا تي ڏيڻ جي منظور، چيف سيڪريٽري چيو آهي ته 2019ع کان هيل تائين فوتي ڪوٽا تحت 4 هزار 29 ڀرتيون ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، اُميدوارن جي پگهار ۽ ڊي آر سي کي مرحليوار مڪمل ڪيو پيو وڃي، اجلاس دوران سمورن سيڪريٽريز کي فوتي ۽ معذور ڪوٽا تحت ڀرتيون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو