ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي سرڪاري اسڪولن بابت نئون سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل سرڪلر موجب نئون ٽائيم 6 آگسٽ 2026 کان فوري طور تي لاڳو هوندو. سرڪلر ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته صوبي جا سمورا سرڪاري اسڪول نئين شيڊول تي سختي سان عمل ڪن، اهي ٽائيم ايندڙ ٻين حڪمن تائين لاڳو رهندا.سرڪلر موجب سموري صوبي جا سنگل ۽ ڊبل شفٽ اسڪولن جا نوان ٽائيم مقرر ڪيا ويا آهن. پرائمري، ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن جي لاءِ ڌار ڌار ٽائيم لاڳو ڪيا ويا آهن ته جيئن تدريسي سرگرميون نئين شيڊول موجب جاري رهن.تعليم کاتي موجب 6 آگسٽ کان 41 آڪٽوبر تائين سنگل شفٽ پرائمري اسڪول سومر کان خميس صبح 8 وڳي کان ٻنپهرن جو 2 لڳي 30 منٽن تائين کليل رهندا. جڏهن ته جمعي جي ڏينهن ٽائيم صبح 8 وڳي کان ٻنپهرن جو 1 وڳي تائين هوندو. پهرين نومبر کان 31 مارچ تائين ساڳيان اسڪول صبح 8 لڳي 39 منٽن کان ٻنپهرن جو 3 وڳي تائين کليل رهندا.سرڪلر ۾ ڊبل شفٽ پرائمري اسڪولن جي پهرين ۽ ٻئي شفٽ جو ٽائيم به مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ڊبل شفٽ ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن جي پهرين شفٽ 6 آگسٽ کان 31 آڪٽوبر تائين صبح 7 لڳي 30 منٽن کان ٻنپهرن جو 1 لڳي 30 منٽن تائين هوندو. جڏهن ته پهرين نومبر کان 31 مارچ تائين پهرين شفٽ صبح 8 وڳي کان ٻنپهرن جو 1 لڳي 45 منٽن تائين جاري رهندي.سنڌ جي تعليم کاتي موجب ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري سنگل شفٽ اسڪولن جي لاءِ به نوان ٽائيم مقرر ڪيا ويا آهن ۽ سمورن لاڳاپيل آفيسرن ۽ اسڪول جي سربراهن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته اهي نئين شيڊول تي فوري طور تي عملدرآمد يقيني بنائين.










