سنڌ ۾ جمهوري روايتون اڃا زندهه آهن، خوشي ٿي آهي، سهيل آفريدي

سنڌ ۾ جمهوري روايتون اڃا زندهه آهن، خوشي ٿي آهي، سهيل آفريدي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) خيبر پختونخواهه جو وزيراعليٰ سهيل آفريدي جمعي تي شام جو ڪراچي پريس ڪلب (ڪي پي سي) پهتو، جتي هن صحافتي برادري سان ملاقات ڪئي.
هوائي اڏي تان روانگي کان پوءِ ڪي پي جي وزيراعليٰ جي قافلي کي پريس ڪلب پهچڻ ۾ ڇهه ڪلاڪ لڳا، ۽ ان دوران پارٽي جي حامين جو وڏو ميڙ به ساڻس گڏ هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي آفريدي پنهنجي ڪراچي اچڻ کي تازو لاهور جي دوري سان ڀيٽيندي چيو ته، “ڪراچي، لاهور کان وڌيڪ ڀليڪار ڪيو آهي.”
پريس ڪلب ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهين دورن هن چيو ته، “ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جون جمهوري روايتون اڄ به سنڌ ۾ زندهه آهن،” خيبر پختونخواهه جي وزيراعليٰ ٻڌايو ته سنڌ جي گادي واري شهر جو دورو پي ٽي آءِ جي اسٽريٽ موومينٽ جي تياري لاءِ آهي. هن چيو ته، “پنجاب جو دورو سٺو تجربو نه رهيو. جتي به اسين کاڌي لاءِ وياسين، اتي ان علائقي جون بتيون بند ڪيون ويون.”
آفريدي چيو ته آچر واري ريلي لاءِ سنڌ حڪومت طرفان زباني منظوري ملي آهي، پر لکت ۾ اڃا تائين ڪو جواب ناهي مليو. پريس ڪلب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته، “عمران خان اقتدار لاءِ جدوجهد نه ڪئي، پر عدليه جي آزادي، حقيقي جمهوريت ۽ اظهار جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي. ان ئي سبب کيس قيد ڪيو ويو آهي.”
هن وڌيڪ چيو ته “جيل ۾ هن سان غير انساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ کيس اهڙي هنڌ رکيو ويو آهي جتي دهشتگرد رکيا ويندا آهن.” سوالن جا جواب ڏيندي وزيراعليٰ آفريدي چيو ته هن سنڌ جي حڪمراني ۾ اڳوڻن وزيراعظمن بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جون جھلڪيون ڏٺيون آهن، جنهن تي مونکي اطمينان ٿيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته صوبائي اسيمبلي ۾ امن جرڳو ٿيو، جتي سڀني سياسي پارٽين پندرهن نقطن تي اتفاق ڪيو.
هن چيو، “انهن نقطن مان هڪ اهو به هو ته فوجي آپريشن ڪو مسئلو ناهي، پر جيڪڏهن ڪيو وڃي ته بدمعاشي نه هئڻ گهرجي.” هن وضاحت ڪندي چيو ته “فيصلا بند دروازن پٺيان نٿا ڪري سگهجن”، ۽ جيڪڏهن قبائلي بزرگن ۽ مقامي قيادت کي شريڪ نه ڪيو ويو ته “ڪڏهن به امن قائم نه ٿيندو.” هن سوال ڪيو، “ڪهڙي ضمانت آهي ته فوجي آپريشن کان پوءِ امن بحال ٿي ويندو؟”
هن چيو ته، “جيڪڏهن وزيراعظم دهشتگردي بابت هڪ نقطي واري ايجنڊا تي گڏجاڻي سڏيندو ته مان ضرور شرڪت ڪندس.” “دهشتگردي جو حل اهو آهي ته سڀ سياسي پارٽيون، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون گڏيل فيصلو ڪن ۽ ان تي عمل ڪرائن. تڏهن ئي امن ممڪن آهي،”
ڪراچي آمد
آفريدي اڄ ڪراچي پهتو، جتي هن پي ٽي آءِ جي اسٽريٽ مووبلائيزيشن تحريڪ جي سلسلي ۾ سنڌ جو ٽن ڏينهن وارو دورو شروع ڪيو آهي. سنڌ جي محنت واري وزير سعيد غني هوائي اڏي تي سندس آجيان ڪئي. سعيدغني آفريدي سان ڀاڪر پائي مليو ۽ کيس سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪيو. پارٽي جو سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا به وزيراعليٰ سان گڏ هو.
پي ٽي آءِ طرفان ايڪس تي شيئر ڪيل وڊيوز ۾ هوائي اڏي تي آفريدي جي استقبال لاءِ وڏي ميڙ کي ڏيکاريو ويو. پي ٽي آءِ جي ايڪس اڪائونٽ تان شام 5:15 وڳي شيئر ڪيل اپڊيٽ موجب، آفريدي جو قافلو وڏي ميڙ سان گڏ ڪراچي جي مک شاهراهه شاهراهه فيصل تي پهچي ويو.
پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ۽ حامي 9 جنوري تي ڪراچي ۾ خيبر پختونخواهه جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي جي آمد جي خوشي ۾ ريلي ۾ شرڪت ڪندي نظر آيا. آفريدي شاهراهه فيصل تان پنهنجي وڊيو به شيئر ڪئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جا حامي ۽ ڪارڪن “عمران احمد خان نيازي” جا نعرا هڻندي نظر آيا.
قافلو قائداعظم جي مزار تي وقفو ڪرڻ کان پوءِ دير سان شام جو ڪراچي پريس ڪلب پهتو. آفريدي اسلام آباد هوائي اڏي تان ڪراچي لاءِ اڏام ڀري، جتي کيس اڏام ۾ دير جو به منهن ڏسڻو پيو. خيبر پختونخواهه جي مڪاني حڪومت واري وزير مينا خان آفريدي، جيڪا وزيراعليٰ سان گڏ هئي، ايڪس تي پوسٽ ڪندي ٻڌايو ته سندن اڏام دير جو شڪار ٿي.
پي ٽي آءِ جا الزام
ان وچ ۾، پي ٽي آءِ جي ترجمان محمد علي بوزدار الزام هنيو ته پوليس نرسري واري علائقي ۾ پارٽي جي هيڊ آفيس ٻاهران وزيراعليٰ جي استقبال لاءِ لڳايل خيما هٽائي ڇڏيا آهن. البته هن وضاحت ڪئي ته آفيس سيل ناهي ڪئي وئي.
اڳ ۾ پي ٽي آءِ ايڪس تي دعويٰ ڪئي هئي ته سنڌ پوليس ڪراچي ۾ انصاف سيڪريٽريٽ سيل ڪيو ۽ آفريدي جي آجيان لاءِ لڳايل ڪيمپ ڊاهي ڇڏيو. بوزدار چيو ته وزيراعليٰ آفريدي هيڊ آفيس ۾ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي خطاب ڪرڻ وارو هو.
هن ٻڌايو ته پوليس ۽ سنڌ حڪومت جي عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جن خيما واپس ڏيڻ ۽ گڏجاڻي جي اجازت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، البته رستا بند نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
آچر تي مزارِ قائد تي گڏجاڻي
ڪراچي روانگي کان اڳ، وزيراعليٰ آفريدي ايڪس تي پوسٽ ڪندي چيو ته هو پارٽي باني عمران خان جو “پيغام” کڻي سنڌ اچي رهيو آهي. هن چيو ته، “منهنجو دورو ٽن ڏينهن جو آهي ۽ ان دوران مختلف سرگرمين جي رٿابندي ڪئي وئي آهي”، ۽ ماڻهن کي اسٽريٽ موومينٽ جي حمايت جي اپيل ڪئي.
هن اعلان ڪيو ته آچر ڏينهن شام 4:30 وڳي مزارِ قائد تي گڏجاڻي ٿيندي، ۽ ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏني. “اسان ڪراچي جي تاريخ جي سڀ کان وڏو جلسوڪنداسين،” سنڌ جي مڪاني حڪومت واري وزير ناصر حسين شاهه چيو ته اختيارين مزارِ قائد تي ريلي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته، “اسين خيبر پختونخواهه جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي کي صوبي ۾ ڀليڪار ڪنداسين”، ۽ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ سميت ڪنهن به سياسي پارٽي جي پرامن جدوجهد روڪي نٿي سگهجي. البته هن خبردار ڪيو ته “جيڪڏهن قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ته مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.”
هن ٻڌايو ته ڏکڻ ۽ ڪورنگي ضلعن ۾ ريلي لاءِ اجازت گهري وئي آهي، جناح گرائونڊ تي به ريلي جي اجازت ڏني پئي وڃي، ۽ قانون موجب ڳالهين ذريعي اجازت ملي سگهي ٿي.
البته، 8 جنوري تي ڪورنگي جي ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس طرفان جاري نوٽيفڪيشن ۾ “شديد ٽريفڪ جام” ۽ “عوامي تڪليف” سبب قيوم آباد ۾ گڏجاڻي جي اجازت رد ڪئي وئي هئي.
وزيراعليٰ جي ايجنڊا
ٽن ڏينهن واري دوري دوران وزيراعليٰ پارٽي قيادت، وڪيلن ۽ واپاري اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو، ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه سان به ملاقات ڪندو. هي دورو ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ پارٽي جي نئين اسٽريٽ موومينٽ کي سرگرم ڪرڻ لاءِ آهي، جنهن جو مقصد قيد اڳوڻي وزيراعظم جي آزادي آهي. پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ پريس ڪانفرنس ۾ آفريدي جي دوري جو شيڊول به شيئر ڪيو.
حيدرآباد جو دورو
وزيراعليٰ 10 جنوري تي حيدرآباد ويندو. رستي ۾ ڄامشورو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه پاران سندس آجيان ڪئي ويندي. حيدرآباد ۾ ڪوٽڙي ۾ احتجاج، پريس ڪلب ۾ صحافين سان ملاقاتون، صحافين، دانشورن ۽ آبادگارن سان ڳالهيون، ۽ انصاف هائوس ۾ گڏجاڻي شامل آهي. ايجنڊا ۾ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن کي خطاب به شامل هو، پر بار ايسوسيئيشن واضح ڪيو آهي ته اهڙي اجازت ڪڏهن به نه ڏني وئي هئي. بار ايسوسيئيشن پريس رليز ۾ چيو ته جنرل سيڪريٽري ذاتي حيثيت ۾ خط لکيو هو ۽ انتظامي ڪاميٽي جي اجازت کانسواءِ ليٽر هيڊ استعمال ڪيو.
ان وچ ۾ پي ٽي آءِ حيدرآباد جي ترجمان الزام هنيو ته پوليس مختلف علائقن ۾ چونڊيل چيئرمينن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا، پر ڪا گرفتاري نه ٿي. حيدرآباد جي سينيئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس عديل چانڊيو چيو ته ڪنهن به پي ٽي آءِ ڪارڪن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي.
گذريل مهيني لاهور دوري دوران آفريدي کي مشڪلاتون پيش آيون هيون، جنهن کان پوءِ هن پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي خط لکي شڪايت به ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو