سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت

سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آهن، ماڙي انرجيز ماڙي غزيج جي ڳولا واري کوهه ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت جو اعلان ڪيو آهي، سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آهن، ماڙي انرجيز ماڙي غزيج جي ڳولا واري کوهه ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت جو اعلان ڪندي چيو ته ٽيسٽنگ دوران کوهه مان روزانو 305 بيرل تيل ۽ 3 ايم ايم ايس سي ايف ڊي گئس حاصل ڪئي وئي، ماڙي انرجيز جي ايم ڊي فهيم حيدر دريافت کي ڪمپني جي سائنسدانن جي ڪاميابي قرار ڏنو ۽ چيو ته اسان جو مقصد ملڪ ۾ گهٽجندڙ گئس جي پيداوار کي وڌائڻ آهي، ماڙي انرجيز لميٽيڊ هڪ مربوط ڳولا ۽ پيداوار ڪمپني آهي، فهيم حيدر چيو ته اهي سنڌ جي شهر ڍاڙڪي ۾ ماڙي فيلڊ ۾ واقع پاڪستان جو سڀ کان وڏو گئس رزرو هلائي رهيا آهن. ماڙي انرجيز ملڪ جو سڀ کان وڏو گئس پيدا ڪندڙ آهي جنهن جو مارڪيٽ شيئر تقريباً 30 سيڪڙو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو