سنڌ ۾ ’برگر ڪپهه‘ جو عجيب اسڪينڊل بي نقاب

سنڌ ۾ ’برگر ڪپهه‘ جو عجيب اسڪينڊل بي نقاب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪپهه ۾ ملاوٽ جو حيران ڪندڙ واقعو سامهون آيو آهي، جتي ٽنڊو آدم جي هڪ جننگ فيڪٽري تي الزام آهي ته اها اعليٰ معيار جي ڪپهه (لنٽ) ۾ ڪپهه جو فضلو ملائي هڪ اهڙي مصنوعي پيداوار تيار ڪري رهي هئي، جنهن کي صنعتي حلقن ۾ “برگر ڪپهه سڏيو پيو وڃي. رائٽرز جي رپورٽ موجب پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن (PCGA) پاران غيرقانوني سرگرمين جي روڪٿام لاءِ ٺهيل چار رڪني مانيٽرنگ ٽيم کي ڳجهو اطلاع مليو، جنهن تي ٽيم فيڪٽري تي اچانڪ ڇاپو هنيو.
پر ڪارروائي دوران صورتحال ان وقت سنگين ٿي وئي، جڏهن فيڪٽري جي مالڪ مبينا طور تي 100 هٿياربند ماڻهن کي گهرائي ٽيم تي حملو ڪرايو ۽ ميمبرن کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي رکيو. هن واقعي جننگ انڊسٽري ۾ هل چل مچائي ڇڏي، جنهن کان پوءِ پي سي جي اي جي مانيٽرنگ ڪاميٽي ۽ سنڌ جي جنرز جو هڪ هنگامي اجلاس ٽنڊو آدم ۾ آچر تي سڏايو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ديوالي جي موڪلن کان پوءِ فيڪٽري انتظاميا خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي.
”برگر ڪپهه“ جي اسڪينڊل جا تفصيل
اطلاعن مطابق، ڪجهه جنرز گذريل ڪيترن سالن کان ٽيڪسٽائل ملز جي نمائندن ۽ ليبارٽري عملي سان ملي ڀڳت ڪري لنٽ جي گانٺن ۾ ڪپهه جو فضلو شامل ڪندا رهيا آهن. اهڙي عمل سان نه صرف مقامي ڪپهه جو معيار متاثر ٿيو، پر ڪيترن ٽيڪسٽائل ملز مقامي خريداري بدران مهانگي درآمد ٿيل ڪپهه وٺڻ شروع ڪئي، جنهن سان صنعت کي مالي بحران کي منهن ڏيڻو پيو. ڪپهه جي سال 2025–26 جي شروعات کان اڳ، پي سي جي اي فيصلو ڪيو هو ته شعبي ۾ موجود ”ڪارين رڍن“ کي ننگو ڪيو ويندو.
ان مقصد لاءِ پنجاب ۽ سنڌ ۾ الڳ الڳ مانيٽرنگ ڪاميٽيون ٺاهيون ويون، جن کي فيڪٽرين جي جاچ ۽ خلاف ورزي تي ڪارروائي جو اختيار ڏنو ويو.سنڌ جي مانيٽرنگ ڪاميٽي، جيڪا نامور جنر رميش لال جي سربراهي ۾ ڪم ڪري رهي هئي، مئي کان وٺي ڪيترن ئي يونٽن جو معائنو ڪري چڪي هئي. گذريل وقت ۾ ڪجهه فيڪٽريون ملاوٽ ۾ ملوث مليون جن کي وارننگ ڏني وئي هئي، پر تازو ڪو نئون واقعو سامهون نه آيو هو. تازين شڪايتن بعد حاجي لياقت علي لسڪاڻي، سيٺ گوپال داس، سيٺ ڪشور چند ۽ سيٺ جي دادا تي مشتمل ٽيم ٽنڊو آدم جي فيڪٽري تي ڇاپو هنيو. تحقيقاتي ٽيم موجب، ٽئي جننگ يونٽس هڪ ئي احاطي ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، جتي مزدور لنٽ جي گٺڙين کي اهڙي طريقي سان تيار ڪري رهيا هئا جو ٻاهريون حصو اعليٰ ڪپهه ۽ اندروني حصو فضلي سان ڀريل هو، جيئن ليبارٽري جا نمونا معياردار لڳن. جڏهن ٽيم فيڪٽري اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ته کين سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو. فيڪٽري مالڪ مبينا طور 100 کان وڌيڪ هٿياربند ماڻهن کي گهرائي ٽيم تي ڌاڙيل انداز ۾ حملو ڪرايو ۽ ميمبرن کي ڪلاڪن تائين قيد ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب، ٽيم کي ڪپهه جي فضلي جا وڏا ڍير نظر آيا، جيڪي لنٽ ۾ ملايا پئي ويا. جننگ انڊسٽري جي نمائندي احسان الحق موجب، اهڙي ملاوٽ ڪيل ڪپهه، جنهن کي ”برگر ڪپهه“ چيو وڃي ٿو، گهڻي قيمت تي وڪرو ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هن غيرقانوني ڪاروبار ۾ فيڪٽري مالڪ، ٽيڪسٽائل ملز جا خريداري ايجنٽ، ۽ ليبارٽري عملي جا نمائندا سڀ شامل آهن، ۽ پاڪستاني ڪپهه جي ساک کي سخت نقصان رسائي رهيو آهي. پي سي جي اي جي ٽيم تي حملي کان پوءِ، مانيٽرنگ ڪاميٽي ۽ سنڌ جي جنرز جو هنگامي اجلاس آچر جي شام ٽنڊو آدم ۾ ٿيو، جتي صورتحال جو جائزو وٺي قانوني ۽ تنظيمي قدمن تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (APTMA) ۽ وڏين ٽيڪسٽائل ڪمپنين کي فوري طور آگاهه ڪيو ويندو ته ملوث فيڪٽري ۾ ملاوٽ ٿي رهي آهي. اجلاس ۾ وڌيڪ فيصلوڪيو ويو ته ديوالي جي موڪلن کان پوءِ خميس تي هڪ ٻي گڏجاڻي ٿيندي، جنهن ۾ ملوث فيڪٽري خلاف سخت ڪارروائي ۽ اهڙين فيڪٽرين تي پابندي لاءِ حڪمت عملي واضح ڪئي ويندي. اجلاس ۾ اها تجويز به منظور ڪئي وئي ته ٽيڪسٽائل ملز مالڪ انهن ايجنٽن ۽ ليبارٽري عملي کي برطرف ڪن، جيڪي فيڪٽري مالڪن سان گڏجي ڪپهه جو فضلو اعليٰ ڪپهه ۾ ملائين ٿا. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن زور ڏنو ته معياري مقامي ڪپهه جي پيداوار سان ملڪ جي برآمدات ۾ وڏو اضافو ٿي سگهي ٿو. آخر ۾ ايسوسيئيشن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها جاچ ٽيم جي تحفظ کي يقيني بڻائي ۽ ملڪ گير سطح تي ملاوٽي ڪپهه خلاف ڪارروائي ڪري، ته جيئن پاڪستان جي ڪپهه جي صنعت، جيڪا اڳ ئي عالمي مقابلي ۾ ڏکيائيءَ سان بيٺي آهي، کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو