اسلام آباد/اوٻاوڙو(رپورٽ اياز مهر ۽ غلام علي رند) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري خميس تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ پاڪ فوج الرٽ آهي، ڀارتي فوج پاران پاڪستان جي فضائي حدن جي سنگين خلاف ورزي جاري آهي، 7 ۽ 8 مئي جي وچ واري رات ڀارت جا 29 ڊرونز پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ڪيرايا ويا آهن ۽ انهن جو ملبو گڏ ڪري معائنو ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته مليرڪراچي، ڇور، ڏهرڪي، اٽڪ، لاهور،راولپنڊي، گجرانوالا، چڪوال لڳ ڊرونز ڪيرايا ويا آهن. ترجمان چيو ته لاهور ۾ 3 ڊرونز ڪيرايا آهن، راولپنڊي ۾ به 3 ڊرونز ڪيرايا ويا آهن، جنهن بعد پي ايس ايل جون ميچز ملتوي ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. فوجي تنصيبات لڳ هڪ ڊرون ڪيرايو ويو جنهن ۾ 4 فوجي جوان زخمي ٿيا آهن ۽ 3 شهرين جي شهيد ٿيڻ جو اطلاع آهي. رپورٽس موجب لاهور ۾ والٽن روڊ لڳ 5 کان 6 فٽ جو ڊرون ڪيرايو ويو آهي، گجرانوالا جي ڳوٺ پير جهنڊ جي زرعي زمين مان به هڪ ڊرون جو ملبو مليو آهي، چڪوال جي ٿاڻي ڊوهمن جي حد مان به زمين مان هڪ ڊرون جو ملبو مليو آهي جنهن کي پڻ تحويل ۾ وٺي معائنو ڪيو پيو وڃي. اهڙي طرح پاڪستاني سيڪورٽي فورسز سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ 4 ڊرونز ڪيرايا آهن ، رپورٽن موجب، ڪراچي جي ملير شرافي ڳوٺ ۽ گلشن حديد وارن علائقن ۾ ٻه ڊرون ڪيرايا ويا، پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.چولستان ۾ هڪ ڊرون ڪيرايو ويو،راولپنڊي مان به 2 ڊرون ڪيرايا آهن،ترجمان چيو ته ڀارت جو جارحاڻو رويو جاري آهي، ايل او سي جي ڪيترن چيڪ پوسٽن تي هيوي فائرنگ جاري آهي ۽ پاڪستاني فوج دشمن کي ڀرپور جواب ڏئي رهي آهي. اوٻاوڙو مان سنڌيار جي نمائندي موجب پاڪ ڀارت جنگي چڪتاڻ دوران گهٽڪي ضلعي جي تعلقي ڏهرڪي جي کينجو ٿاڻي جي حد ۾ بگو دڙي جي ڳوٺ سرفراز لغاري ۾ ڀارتي ڊرون ڪرڻ سبب زمين ۾ ڪم ڪندڙ هاري مختيار لغاري فوت ٿي ويو ۽ سندس پٽ عيدن زخمي ٿي پيو. ايس ايس پي گهوٽڪي سميع الله سومرو ڊرون ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سيڪورٽي فورسز جا واسطيدار عملدار ڊرون جي ملبي جو معائنو ڪري رهيا آهن.

پاڪستان پاران هندوستان جا ڪيرايل ڊرون

ڪراچي ۾ ڪيرايل ڊرون جي گراري پيل آهي

پاڪستاني فورسز پاران ڪيرايل ڊرون واري هنڌ تي جوان بيٺل آهن

Photo Sindhyar










