سنڌ ۽ نيو يارڪ کي ٻه گڏيل رياستون قرار ڏيڻ جي تجويز

سنڌ ۽ نيو يارڪ کي ٻه گڏيل رياستون قرار ڏيڻ جي تجويز

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري نيويارڪ اسٽيٽ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر فل راموس سان سنڌ ۽ نيويارڪ کي ٽوئن اسٽيٽس قرار ڏيڻ واري تجويز تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.چيئرمين امريڪي پاڪستاني پبلڪ افيئرس ڪميٽي ڊاڪٽر اعجاز احمد سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي اعزاز ۾ آجيان ڪئي.نيويارڪ اسٽيٽ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر فل راموس پڻ استقباليه ۾ شرڪت ڪئي.ڪامران ٽيسوري ۽ فل راموس ڳالهه ٻولهه دوران سنڌ ۽ نيويارڪ کي ٽوئن اسٽيٽس قرار ڏيڻ جي تجويز تي وڌيڪ غور ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو.ان سلسلي ۾ نيويارڪ اسٽيٽ اسيمبلي جو وفد جلد سنڌ صوبي جو دورو ڪندو.ٽوئن اسٽيٽس سنڌ ۽ نيو يارڪ جي يونيورسٽين، اسپتالن ۽ تحقيقي ادارن وچ ۾ تعاون کي وڌائيندو.شاگردن جي وفدن جي مٽاسٽا ۽ روشن شاگردن لاءِ اسڪالر شپ پڻ ڏنا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو