سنڌ کي 1991 جي آبي معاهدي تحت ان جو مقرر حصو نه ڏنو پيو وڃي

سنڌ کي 1991 جي آبي معاهدي تحت ان جو مقرر حصو نه ڏنو پيو وڃي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزير آبپاشي، منصوبه بندي ۽ ترقي ڄام خان شورو پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته سنڌ کي 1991 جي آبي معاهدي تحت ان جو مقرر حصو نه ڏنو پيو وڃي، جنهن سبب زرعي شعبي تي سخت دٻاءُ آهي. سنڌ حڪومت صوبي جي حصي ۾ پاڻي جي مسلسل گهٽتائي ۽ سخت آبي بحران تي وفاقي حڪومت سان باضابطه رابطو ڪندي وزيراعظم کي خط موڪلي ڇڏيو آهي.هن ٻڌايو ته هن وقت سنڌ کي لڳ ڀڳ 41 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو آهي. معاهدي مطابق سنڌ کي 99 هزار 7 سؤ ڪيوسڪ پاڻي ملڻ گهرجي ها، پر هن وقت رڳو 57 هزار ڪيوسڪ ڏنو پيو وڃي. ڄام خان شورو مطابق پنجاب کي 98 هزار ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي جڏهن ته ان جو مقرر حصو 1 لک 9 هزار 1 سؤ ڪيوسڪ آهي، جنهن مطابق ان کي به لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو گهٽتائي آهي. ڄام خان شورو چيو ته سنڌ ۾ چانورن جي پوک سڀ کان پهرين شروع ٿئي ٿي، پر پاڻي جي کوٽ سبب فصل متاثر ٿي رهيا آهن ۽ زرعي زمينون بنجر ٿيڻ جو خطرو آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ جي زرعي پيداوار ملڪ جي ڊي پي ۾ لڳ ڀڳ 23 سيڪڙو حصو وجهي ٿي، پر موجوده صورتحال ۾ هارين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن ڊيمن ۽ درياهن جي صورتحال جو حوالو ڏيندي چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ آبي صورتحال بهتر هئڻ باوجود سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي نه پيو ملي. وزير آبپاشي چيو ته گڊو بيراج تي گذريل سال 1 لک ڪيوسڪ پاڻي موجود هو جڏهن ته هن وقت اها مقدار 75 هزار ڪيوسڪ آهي. هن چيو ته ارسا طرفان پاڻي جي ورڇ ۾ ناانصافي ٿي رهي آهي، جنهن جا اثر سنڌ جي معيشت تي به پئجي رهيا آهن. ميرپورخاص، دادو ۽ بدين جا هاري وڌيڪ متاثر ٿيا آهن جڏهن ته ڪپهه جي فصل کي نقصان پهتو آهي. وزير آبپاشي وڌيڪ چيو ته وڏي وزير سنڌ به وزيراعظم کي خط لکي پنهنجا تحفظات کان واقف ڪيو آهي جڏهن ته گذريل ڏينهن اعليٰ سطحي اجلاس ۾ به سنڌ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ سنڌ حڪومت هر فورم تي پنهنجي عوام جي حقن لاءِ آواز بلند ڪندي رهندي.وزير آبپاشي مطابق چشما جهلم ڪئنال سميت ٻين ذريعن کان اضافي پاڻي جي فراهمي تي به سوال اٿي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ کي سخت ضرورت جي وقت مناسب حصو نه ملي رهيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته موجوده صورتحال سبب صوبي کي اربين ڊالر جو معاشي نقصان ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو