سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني درخواستن جي ٻڌڻي کان معذرت

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني درخواستن جي ٻڌڻي کان معذرت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني بينچ قائم ڪرڻ کان پوءِ آئيني درخواستن جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايس بي سي اي جي معاملي تي درخواست جي فوري ٻڌڻي جي درخواست ڪئي وئي آهي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته منهنجو ڪيس آرٽيڪل (2) 199 تحت اچي ٿو،جسٽس صلاح الدين چيو ته آئيني بينچ صوبائي يا وفاقي حڪومت کي ڪارروائي کان روڪڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي،توهان جسٽس ڪي ڪي آغا کان اجازت وٺو، اسان مشروط اجازت ڏئي رهيا آهيون، پهرين آفيس فيصلو ڪندي ته ان جي ٻڌڻي ريگيولر بينچ ڪندي يا آئيني بينچ ڪندي،عدالت نيب جي نوٽيسز، اڪائونٽس بند ڪرڻ، سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۽ ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي. عدالت درخواستن جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت ايف آءِ آر ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست ۾ تبديلي ڪندي ان کي بينچ آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو