سنڌ حڪومت ۾ تبديليءَ جون خبرون صرف سوشل ميڊيا تي هلن پيون

سنڌ حڪومت ۾ تبديليءَ جون خبرون صرف سوشل ميڊيا تي هلن پيون

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۾ تبديليءَ جون خبرون صرف سوشل ميڊيا تي هلي رهيون آهن.ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي ڀلي ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، اپوزيشن بجيٽ پڙهيو ناهي، هنگامو ڪيو ۽ هلي وئي. اين ايف سي (NFC) ۾ ڪا به ڪٽوتي ناهي ٿي، صوبن پنهنجي ترجيحن موجب حصو مختص ڪيو آهي. شرجيل ميمڻ ڪراچي کان سکر تائين موٽروي نه هجڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته صوبو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏئي ٿو پر ان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، حيدرآباد کان سکر تائين روڊن جي حالت خراب آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جي ٺاهيل روڊ تي سفر دوران اوهان کي ايمبولينس ۾ وڃڻو پوندو، جڏهن ته صوبائي حڪومت جا ٺاهيل سمورا روڊ تمام بهترين آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو