ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ صوبي ۾ ضروري شين جي قيمتن تي ڪنٽرول جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گهرو کاتي جي سيڪريٽري سعيد احمد مڱڻيجو، ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ، انڊسٽريز کاتي جي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي، انفارميشن ٽيڪنالوجي، جي سيڪريٽري آصف اڪرام، خوراڪ کاتي ۽ زراعت کاتي سيڪريٽري سميت ٻيا شريڪ ٿيا، جڏهن ته سمورن ڊويزنل ڪمشنرن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته منافع خورن ۽ ذخيره اندورن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ سيڪريٽرين جي سربراهي ۾ صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، ڊويزنل ڪمشنر لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پيز، ڊپٽي فوڊ ڪنٽرول ۽ بيورو اينڊ سپلائي جا ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪميٽي جا ميمبر هوندا. ڪميٽي لاڳاپيل ضلعن ۾ قيمتن تي ڪنٽرول، ضروري شين جي فراهمي ۽ ذخيره اندوزن کي روڪڻ لاءِ ڪارروائين کي مانيٽر ڪندي. چيف سيڪريٽري سنڌ جي هدايت تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي مطابق انڊسٽري کاتي جي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي ايسٽ، اقبال انجم جماڻي ويسٽ، مڪاني کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سيد نجم احمد شاهه سائوٿ ۽ سيڪريٽري لئيق احمد سينٽرل جي پرائيز مانيٽرنگ ڪميٽي جا سربراهه هوندا. سيڪريٽري اطلاعات عمران عطا سومرو سجاول، سيڪريٽري انوائرومينٽ آغا واسف ڪورنگي، سيڪريٽري ٻيلو کاتو بدر جميل مينڌرو ملير، سيڪريٽري آئي ٽي آصف اڪرام ڪياماڙي، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز شارق احمد حيدرآباد، زراعت کاتي جو سيڪريٽري اعجاز احمد مهر دادو، جڏهن ته سيڪريٽري ڊي اي پي ڊي هادي بخش ڪلهوڙو بدين جي مانيٽرنگ ڪميٽي جا سربراهه مقرر. نوٽيفڪيشن جي مطابق سيڪريٽري خوراڪ راجا شهزاد عمر ٽنڊوالهيار، سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ بچل راهيپوٽو ڄامشورو، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ ٽنڊو محمد خان، سيڪريٽري اوقاف منور علي مهيسر ٺٽو، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن غلام اڪبر لغاري مٽياري، سيڪريٽري ايڪسائيز عاطف رحمان ميرپور خاص، سيڪريٽري يونيورسٽي بورڊ مريد راهمون ٿرپاڪر جڏهن ته سيڪريٽري مائنيز خالد چاچڙ عمر ڪوٽ، سيڪريٽري صحت ذوالفقار علي شاهه شهيد بينظير آباد، جڏهن ته سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ نوشهروفيروز، سيڪريٽري انرجي ابوبڪر احمد سکر، جڏهن ته سيڪريٽري ڪوآپريٽو شاهد عبدالسلام سانگهڙ، سيڪريٽري اقليتي معاملا محمد عباس بلوچ خيرپور، جڏهن ته سيڪريٽري اسپورٽس عبدالهادي بلو گهوٽڪي، سيڪريٽري ثقافت نسيم غني سهتو لاڙڪاڻو ۽ سيڪريٽري آبپاشي سهيل احمد قريشي جيڪب آباد، انساني حقن وارو سيڪريٽري صبغت الله مهر شڪارپور، جڏهن ته سيڪريٽري پاپوليشن ريحان اقبال بلوچ قمبر شهداد ڪوٽ جڏهن ته سيڪريٽري بحالي محمد علي کوڙو کي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ جي ضلعي مانيٽرنگ ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ اجلاس ۾ وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا فلو ملز ۽ گيهه ملز جا دورا ڪندي. جتي به زخيره اندوزي هوندي انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته هر تعلقي ۾ حڪومت پاران رمضان ۾ بچت بازار لڳايا ويندا. بچت بازار ۾ ضروري شين کي سستي اگهن ۾ فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، حڪومت جو سبسڊائيز اٽو بچت بازارن ۾ رعايتي اگهن ۾ وڪرو ٿيندو. گڏجاڻي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته قيمتن ۾ ڪنٽرول موجوده قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي. پرائيز ڪنٽرول انسپيڪٽر کي وڌيڪ پاور ڏنا ويندا. 30 هزار کان ڏنڊ وڌائي ڪري 5 لک ڪيو ويندو. جڏهن ته دوڪانن کي سيل ۽ سمورو سامان سرڪاري اگهن ۾ نيلام ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سيڪشن آفيسر ۽ ٻِين آفيسرن کي به رمضان المبارڪ مهيني ۾ پرائيز چيڪنگ جا اختيار ڏنا ويندا، موجوده پرائز ڪنٽرول قانون ۾ ترميم لاءِ ڊرافٽ تيار ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم. ڪميٽي ۾ گهرو کاتي جو سيڪريٽري، زراعت کاتي جو سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي ۽ ڪمشنر حيدرآباد شامل آهن.










