ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ دعويٰ ڪئي آهي ته گهر ٺاهي ڏيڻ جا وعدا ڪنهن ٻئي شخص ڪيا هئا پر هن هڪ به گهر ٺاهي نه ڏنو، اسان اڳ ئي چيو هو ته سائيفر وارو معاملو هڪ ڊرامو آهي، پي ٽي آءِ جا ميمبر اسيمبلي به نه ٿا اچن، خوف وچان لڪندا پيا وتن، پي ٽي آءِ ميمبرز کي اجلاس ۾ آن لائين شرڪت جي آڇ ڪيون ٿا،صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب دوران چيو ته سنڌ جي 21 لک ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺاهي ڏينداسين،هن چيو ته هر متاثر خاندان کي گهر جي اڏاوت لاءِ 3-3 لک روپيا ڏنا ويندا،شرجيل ميمڻ دعويٰ ڪئي ته سنڌ حڪومت مشڪل وقت ۾ عوام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو آهي ۽ نه ڪڏهن ڇڏيندي










