وسيلن تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو تسليم ڪيو وڃي

وسيلن تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو تسليم ڪيو وڃي

ڪراچي/بدين(اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته ملڪ ۾ ظالماڻي نظام ۽ قيادت جي تبديلي سان ئي سنڌ جي عوام جي قسمت تبديل ٿي سگهي ٿي. نظام بدلايو تحريڪ ۾ عوام جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هڪ طرف ڀارتي آبي دهشتگردي جو نتيجو آهي، ته ٻئي طرف سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي به ڪونہ ڏنو پيو ڪيو وڃي، جڏهن ته سنڌ جي واهن ۽ ڪينالن ۾ موجود پاڻي تي ظالم وڏيرا شاهي طاقت ۽ دولت جي زور تي ننڍن آبادگارن جي حق تي ڌاڙو هڻي رهي آهي. پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ ننڍن آبادگارن کي پنهنجو حق ڏيڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ صوبو اڄ به تعليم، صحت، روزگار سميت بنيادي سهولتن جي شعبن ۾ شديد پٺتي پيل آهي، جيڪا ڳالهه صوبائي حڪومت جي ناقص حڪمراني ۽ عوامي مسئلن کان بي ڌياني جو چٽو ثبوت آهي. پيٽرول، گئس ۽ بجلي سميت سنڌ جي عوام کي پنهنجي وسيلن تي حق حاصل ناهي، جنهن سبب غربت، بيروزگاري، بک ۽ محرومي ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بدين جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۽ تنظيمي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف احمد ملاح، ضلعي امير سيد علي مردان شاهه گيلاني، جنرل سيڪريٽري عبدالڪريم بليدي ۽ ضلعي نائب امير الله بچايو هاليپوٽو سميت ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا.صوبائي امير وڌيڪ چيو ته الله تعاليٰ سنڌ کي تيل، گئس، ڪوئلو، معدنيات، زرخيز زرعي زمينون، سامونڊي وسيلا ۽ قدرتي توانائي سميت بيشمار نعمتن سان نوازيو آهي، پر افسوس جو انهن وسيلن جو فائدو عام شهري تائين نه پهچي رهيو آهي. گذريل ارڙهن سالن کان اقتدار ۾ ويٺل پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت سنڌ جي تعليمي، معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ مؤثر قدم کڻڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهي آهي. سنڌ صوبو پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ روينيو، ٽيڪس ۽ برآمدات فراهم ڪندڙ صوبو آهي. ملڪ جي تيل جي ذخيرن جو لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو ۽ قدرتي گئس جي ذخيرن جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو سنڌ ۾ موجود آهي، جڏهن ته ٿر جا وسيع ڪوئلي جا ذخيرا ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي ڊگهي عرصي تائين پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙيءَ طرح ٺٽي ۽ بدين جي سامونڊي علائقن ۾ ونڊ انرجي جا بهترين موقعا موجود آهن، جتي هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، پر حڪومتي نااهلي سبب اهي وسيلا عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال نٿا ڪيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته مختلف قومي ۽ بين الاقوامي رپورٽن موجب اڄ جي جديد دور ۾ به سنڌ ۾ لکين ماڻهوءَ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته هزارين اهڙا خاندان آهن، جن لاءِ ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست به هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي. بي شمار وسيلن باوجود عوام جي اهڙي حالت حڪمرانن جي ناڪام پاليسين جو نتيجو آهي.صوبائي امير مطالبو ڪيو ته سنڌ جي وسيلن تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو تسليم ڪيو وڃي، بند پيل اسڪول فوري طور فعال ڪيا وڃن، سڀني تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن، ۽ تعليم، صحت، زراعت، آبپاشي، توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ هنگامي بنيادن تي عملي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته جيڪڏهن شفافيت، ايمانداري ۽ ميرٽ کي يقيني بڻايو وڃي ته سنڌ نه رڳو پاڪستان جو خوشحال ترين صوبو بڻجي سگهي ٿو، پر سڄي خطي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جو مثال پڻ قائم ڪري سگهي ٿو.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو