ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ ڪنڌڪوٽ طرفان آواز سنڌ سربراھ قومي عوامي تحريڪ محترم اياز لطيف پليجو جي سنڌ ٽوڙڻ جي سازش کي بي نقاب ڪرڻ جي ڪري وفاقي ايجنسي طرفان داخل ڪيسن ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف سجاد بروھي شعيب ڊومڪي شاھ علي سھرياڻي رحمت ﷲ ڇڄڻ ادب سھرياڻي امجد ملڪ شاھد سھرياڻي علي مراد سبزوئي پوڻ ڪمار غلام رسول گولو رميش لعل مڪيش ڪمار محمد خان بھلڪاڻي حسين مھر احسان بھلڪاڻي برڪت کوسو لکمير طارق بنگوار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لائبريري کان پريس ڪلب تائين احتجاج ڪيو ويو. ميرپورماٿيلو سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي سڏ تي سنڌ جي ورھاڱي واري بيان خلاف اڄ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپور ماٿيلو پاران ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب کان ڀٽائي چوڪ تائين ( سنڌ منھنجي امان ) ريلي ڪڍي وئي ،جنھن ۾ سنڌي ادبي سنگت گھوٽڪي جي ضلعي رابطه سيڪريٽري راحب ملاڻو. اياز کهاوڙ۔اداس سنديلو۔ ميراحمد مير۔يعقوب پتافي۔عابد فقير۔ربنواز لنڊ ۽ سياسي سماجي اڳواڻ منظور نائچ۔نعمان سنڌي اڳواڻي ڪئي ،ان موقعي تي ساٿين خطاب ڪندي چيو سنڌ ڌرتي اسان جي ماءُ آھي ،ماءُ جي ورھاست ڪڏھن به ٿي نہ ٿي سگھي سنڌي ماڻھو پنھنجي ڌرتي ماءُ جي مالڪي ڪرڻ ڄاڻن ٿا ۽ ھميشہ ڪندا رھندا. جاتــي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سڏ تي ”سنڌ منهنجي امان“ جي عنوان هيٺ سنڌي ادبي سنگت شاخ جاتي پاران سنڌ جي امڪاني ورهاست ۽ نون صوبن جي قيام خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي شاخ جي سيڪريٽري عثمان خان ٿهيم، زاهد اسحاق سومرو، عمر خاصخيلي ۽ عادل لغاري ڪئي. ريلي حُسيني چوڪ کان مڇي مارڪيٽ تائين ڪڍي وئي ريلي ۾ سنڌ جي وحدت تي وار نامنظور، سنڌ جي تقسيم نامنظور ۽ نون صوبن جو منصوبو نامنظور جا نعرا هنيا ويا.اڳواڻن چيو تہ سنڌ هڪ تاريخي ۽ ثقافتي سڃاڻپ رکندڙ وطن آهي ان جي وحدت تي وار سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي وار برابر آهي. هنن حڪمرانن کان مطالبو ڪيو تہ سنڌ صدين کان هڪ آهي هڪ رهندي جنهن جو ورهاڱو ڪنهن بہ صورت ۾ قبول نہ هوندوريلي ۾ اشرف ملاح، مهتاب شاھ، خالد حسين جت، فيض سميجو، علي وارث شاھ، محمد جمن ملاح، ابوبڪر جت، جيئم کٽي،بابر هنڱورو،سانوڻ لوڍو،علي احمد شاھ،علي اڪبر ڪنڀار سميت ڪيترن ئي شاعرن، اديبن،سماجي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئي.










