لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب پوليس جا محافظ ئي ڌاڙيل نڪتا، جتي پوليس اهلڪارن سنڌ جي واپاري کي اغوا ڪري کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ جعلي مقابلي ۾ مارڻ جي ڌمڪي ڏئي هڪ لک رُپين جو ڀتو وصول ڪيو. 29 اپريل جي رات ايبٽ روڊ تي قلعه گجر سنگهھ پوليس جي محافظ فورس جا پنج باوردی اهلڪار سکر مان آيل واپاري مشتاق احمد کي هٿيارن جي زور تي روڪي اغوا ڪري ويران هنڌ تي وٺي ويا. پوليس موجب واپاري کي وحشياڻي انداز ۾ مار ڪٽ ڪئي وئي ۽ کيس پوليس مقابلي ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏيکاريو ويو ته ٻه باوردی اهلڪار واپاري مشتاق احمد کي پنهنجي موٽرسائيڪل تي ويهاري کڻي ويا. نيلا گنبذ انارڪلي پهچي، اهلڪار هڪ بئنڪ جي ٻاهران بيهي رهيا ۽ واپاري کان اي ٽي ايم ذريعي رقم ڪڍرائي. رقم وٺڻ بعد واپاري کي روڊ تي ڇڏڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا. واپاري جي شڪايت تي ٿاڻي پراڻي انارڪلي پوليس، محافظ فورس جي پنجن اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. پوليس اختيارين موجب پنجن ئي جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هليا پيا وڃن.










