ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڄ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ طوفان ۽ مينهن جو امڪان آهي.حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، بدين، سجاول ۽ ٺٽي ۾ ڪجهه هنڌن تي مينهن جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي.شهر ۾ پارو اڄ 36 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ سڀاڻي 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.موسميات کاتي موجب، سڀاڻي ڪراچي ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي کان وچولي برسات جو امڪان آهي.










