ڄام صاحب(ن سنڌيار) قومي عوامي تحريڪ جي ڄام صاحب ۾ زراعت بچايو سنڌ بچايو ڪانفرنس ٿي، جنھن جي صدارت اياز لطيف پليجو ڪئي، جڏھن تہ مير منگي، علي مردان کوسو، اشرف پليجو، لال خان شر، خان سومرو، محبوب جوکيو، نادر لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔ جلسي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي سوين عورتن سميت ھزارين آبادگارن، ھارين، شھرين ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي۔ جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ صحت، زراعت ۽ تعليم تباھ ٿي چڪي آھي۔ وڏين حڪمران پارٽين جي ايجنڊا مان هاري ۽ مزدور گم آهن، اهي صرف اقتدار چاهين ٿا. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪمران غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي کي پنهنجي ايجنڊا بنائين. اياز لطيف پليجي چيو تہ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي حڪم تي ملڪ کي تباهه نه ڪيو وڃي. ڀاڻ، کنڊ ۽ ڪڻڪ مافيا هارين کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، عدالت نوٽيس وٺي. پاڪستان سنگين معاشي بحران طرف وڌي رهيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته آبادگارن ۽ ھارين کي پاڻي ۽ ڀاڻ نٿو ملي، زرعي بحران آھي۔ جيڪي فصل ٿين ٿا پيپلز پارٽي انھن فصلن جا اگھ ڪيرائي ڇڏي ٿي۔

ھاڻ ڪڻڪ جو فصل لھڻ وارو آھي، واپارين کي ڪڻڪ ڏيڻ لاء باردانو گم ڪيو ويندو۔ پوء اٽي جو ھٿرادو بحران کي عوام کي مھانگائي جي چڪي ۾ پيڙيو ويندو۔ سنڌ تباھ ٿي رھي آھي پر پارليمينٽ ۽ عدالتون خاموش آھن۔ مخالفن ۽ پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي۔ جنھنڪري لکين ايڪڙ زمين ڀڙڀانگ ٿي وئي آھي۔ نقلي ٻج ۽ نقلي دوائن جي ڪڌي ڪاروبار کي سنڌ حڪومت جي سرپرستي حاصل آھي۔ ڪمند جي آبادگارن کي ڪروڙين روپيا بقايا نٿي ڏني وڃي۔ ڦٽيون ۽ ساريون لھڻ کانپوء انھن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو۔ عوام کي پنھنجن حقن لاءِ گھڻ پاسائي جنگ وڙھڻ جي ضرورت آھي، سنڌ جو ھاري مزدور، استاد، شاگرد نوجوان، عورتون جيستائين پنھنجن حقن لاءِ اٿي کڙو نہ ٿيندو تيستائين ڪرپٽ مافيا حڪمرانن مان نجات نہ ملندي. عورت اڳواڻ زاھدا ڏاھري خطاب ڪندي چيو تہ حڪمران غريب عوام کي غلام سمجھن ٿا. جمھوريت جا ڪوڙا نعرا ھڻندڙ حڪمران اصل ۾ ڊڪٽيٽر، ظالم ۽ عوام دشمن پاليسيون رکندڙ آھن۔










