ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) حج ڊائريڪٽوريٽ سنڌ سان تعلق رکندڙ حج جي پانڌيئڙن کي مناسڪ حج جي تربيت ڏيڻ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو حج ڊائريڪٽوريٽ عملدارن مطابق حاجين جي تربيت 27 اپريل کان شروع ٿيندي ۽ هي تربيتي پروگرام 21 ڏينهن تائين جاري رهندو. عملدارن ٻڌايو ته حاجي سڳورن جي تربيت 27 اپريل تي جامع مسجد صدر حيدرآباد ۾ ٿيندي 28 اپريل تي حاجين جي تربيتي ڪئمپ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ ٿيندي جڏهن ته 30 اپريل تي ٽنڊوالهيار جي حاجين جي تربيت اليمينٽري اسڪول ۾ شروع ٿيندي پهرين مئي تي مٽياري، 2 مئي ٽنڊوآدم، 3 مئي نوابشاهه، 4 مئي سانگهڙ، 5 مئي ميرپورخاص، 6 مئي عمرڪوٽ، 7 مئي ٽنڊومحمد خان ۽ بدين ۾ حاجين جي تربيت ٿيندي جڏهن ته ڪراچي ۾ حاجين جي تربيت 4 مئي کان 15 مئي تائين شهر جي قائم مختلف سينترز ۾ ٿيندي هلندڙ سال جي حاجين کي مذهبي معاملن واري وزارت ايس ايم ايس جي ذريعي اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي ڇو ته حڪومت سعودي عرب وڃڻ کان اڳ حج جي تربيت کي لازمي قرار ڏنو آهي ۽ انهيءَ ڪري حاجي پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي ويجهي ٽريننگ سينٽر تي ترتبيتي پروگرام تي لازمي شرڪت جي ڪرڻ هدايت ڪئي آهي حج ڊائريڪٽوريٽ عملدارن مطابق تربيتي پروگرام ۾ غير حاضر هجڻ جي صورت ۾ حج جي پانڌيئڙن کي حج تي وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.










