سنڌ جي بئراجن ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ

سنڌ جي بئراجن ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ

سکر ( رپورٽر)سنڌ جي بئراجن ۾ پاڻي جي سطح وڌي وڃڻ کان پوءِ درياهه جي ڪناري وارن ڪڇ جا رهواسي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ لڳا.فلڊ ڪنٽرول روم جي انچارج ٻڌايو آهي ته سکر بئراج وٽان وچولي سطح جي فلڊ ريل گذري رهي آهي.فلڊ ڪنٽرول روم جي انچارج موجب سکر بئراج وٽ پاڻي جي آمد 3 لک 91 هزار 455 ڪيوسڪ جڏهن ته پاڻي جو آئوٽ فلو 3 لک 60 هزار 55 ڪيوسڪ آهي.فلڊ ڪنٽرول روم جي انچارج پڻ ٻڌايو آهي ته درياءَ جي ڪناري واري ڪچي جي رهواسين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو