سنڌ جي اهم مسئلن بابت عوامي تحريڪ جو احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر)عوامي تحريڪ جي سڏ تي سول ڊفينس آفيس  اڳيان سنڌ جي ورھاڱي جي سازش، ڪراچي ڪميٽي جي قيام، ڌارين جي آبادڪاري، زمينن تي قبضن،  پاڻي تي ڌاڙن، ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي بک هڙتال ڪئي. احتجاجي بک هڙتال جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ هرچند لال، ستار رند، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر صبحاني ڏاهري، فريد ڪلھوڙو، دائود ڏاھري، علي نواز ڏاهري، خان گاڏاهي ڪائنات ڏاھري ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن احتجاجي بک هڙتال تي ويٺل ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن يو پي، سي پي، هندستاني، بهاري، بنگالي، نيازي، افغاني کي اهو اختيار نه آهي ته هو ڪراچي جي الڳ صوبو لاءِ بيانبازي ڪري. سنڌ سنڌي ماڻهن جو پنج هزار سالن جو تاريخي وطن آهن. سنڌ جي وحدت تي وار ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ايم ڪيو ايم جي دهشتگرد ۽ انهن جي ساٿارين پي ٽي آئي جي حڪمرانن تي ملڪ ۽ سنڌ خلاف سازش ڪرڻ تي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن. اڳواڻن چيو ته ڪراچي ڪميٽي سراسر غير قانوني آهي. پيپلز پارٽي جي حڪمرانن ڪرپشن جي ڪيسن کان بچڻ لاءِ غير قانوني ڪراچي ڪميٽي جو سهارو ورتو آهي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه تقريرون ڪرڻ بدران ڪراچي ڪميٽي مان ٻاهر ڇو نٿا نڪري اچن؟ پ پ حڪمران هر سنڌ دشمن عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اڳواڻن چيو ته پ پ حڪمرانن ڪميشنن جي عيوض لکين ايڪڙ سنڌ جي زمين بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقار آباد ۽ ٻين رهائشي اسڪيمن کي ڏني آهي. پ پ حڪمرانن ڪرسي خاطر سنڌ جا سمورا وسيلا نيلام ڪري ڇڏيا آهن. اڳواڻن چيو ته پ پ حڪمران ڪراچي جي اصل ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. الٽو بلڊر مافيا ذريعي ڪراچي جا ڳوٺ خالي ڪرايا پيا وڃن. اڳواڻن چيو ته ڪراچي جي ڳوٺن کي پڪو ڪري ڳوٺاڻن کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن. ڪوهستان جون زمينون ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڏيڻ بدران اصل مقامي ڳوٺاڻن کي ڏنيون وڃن. اڳواڻن چيو ته ھڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ مٿان گھڻ طرفا حملا ڪيا ويا آهن. سنڌ مٿان ڌارين جي يلغار ڪرائي ويئي آهي. لکين افغانين، بھارين، بنگالين، برمين، هندستانين، تاجڪن ۽ ٻين ڌارين کي ڪراچي ۾ غير قانوني رهايو پيو وڃي. ڪراچي ۾ غير قانوني رهندڙ ڌارين جون ڪالونيون قائم ٿيل آهن. پ پ حڪمرانن غير قانوني رهندڙ ڌارين کي تحفظ فراهم ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي بدامني ڪيس ۾ وفاقي توڙي سنڌ جي حڪمرانن کي حڪم ڪيو هو ته 2018ع جي اليڪشن کان اڳ سمورن ڌارين کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي، پر اڄ تائين ان تي عمل نه ٿيو آهي. اڳواڻن چيو ته پ پ پ حڪمرانن هٿ وٺي سنڌ جي ماڻهن کي ٻوڙائي تباهه ڪيو آهي. سنڌ ۾ 13 سالن کان وٺي پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، ڪرپشن سبب سمورن ادارن کي تباهه ڪيو ويو آهي. شاخن، سم نالن، واهن ۽ ايل بي او ڊي جون کاٽيون نه ڪرايون ويون ۽ کاٽين جي نالي ۾ کربين روپين جي ڪرپشن ڪئي ويئي نتيجي طور لاڙ جا سمورا ضلعا برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا. ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن. ماڻھن جا گھر ڊھي ويا. ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار آهن. بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه ٻوڏ متاثرن کي تقريرون ڪري پيا ٻڌائن، پر انهن جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ڄڻ ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جا حڪمران اپوزيشن جا ليڊر هجن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته حڪمرانن جي هٿرادو آندل ٻوڏ جو پاڻمرادو نوٽس وٺي. ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار ماڻھن جي مدد ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو