حميد ڀٽو
سنڌ اندر راڳ ۽ ساز سان هزارين سالن کان بيپناهه محبت ڪندڙ لکين ماڻهو موجود آهن، موهن جو دڙو جي عظيم الشان ماضي واري تاريخ منجهان فن سان لاڳاپيل کوڙ سارا اهڃاڻ ملن ٿا. جنهن سبب سنڌ اندر فن جي قدرداني جي ڪري فن سان لاڳاپيل هزارين ماڻهن مختلف وقتن ۾ جنم ورتو آهي. فن جي دنيا ۾ موسيقي وارو فن روح جي غذا سڏيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ هزارين سريلن راڳين جنم وٺي سنڌ جي فن جي خدمت ڪئي آهي. اهڙو ئي نالي وارو راڳي ۽ سچا سُرآلاپيندڙ سنڌ جي نالي وارو راڳي استاد عبدالله ڪڇي به هڪ آهي، جنهن پنهنجي ڳائڻ جي سُريلي انداز ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو. استاد عبدالله ڪڇي 1940ع ڌاري فقير محمد ڪڇي جي گهر لياري جي علائقي ڪلري ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. هن کي ڳائڻ وڄائڻ جو شوق پنهنجي مامي مٺو ڪڇي کي ڳائيندو ڏسي ٿيو، هن ابتدائي سکيا پنهنجي مامي مٺو ڪڇي کان ورتي، بعد ۾ راڳداري جي سکيا استاد محمد ابراهيم ۽ عبدالله پنهور کان حاصل ڪيائين، جڏهن ته 15 سالن جي ڄمار ۾ هن طبلو وڄائڻ شروع ڪيو ۽ ڪيترن ئي سالن تائين مختلف فنڪارن سان طبلي تي سنگت ڪندو رهيو. 1966ع ڌاري ريڊيوپاڪستان ڪراچي تي هن آڊيشن ڏنو جتي پاس ٿيڻ کانپوءِ طبلي نواز طور ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪيو ويو. عبدالله ڪڇي 1970ع ڌاري ريڊيو ڪراچي تي ڳائڻ شروع ڪيو، جتي ڳائڻ جي حوالي سان تڏهوڪي پروڊيوسر خواجا امداد، گل حسن ۽ نثار ميمڻ جن سندس وڌ ۾ وڌ همٿ افزائي ڪئي ۽ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري رڪارڊ ڪرائي جتي سندس مشهوري جو سبب بڻيل ڪلام ” لکيو تان نه ٽري“ هو، جنهن بعد سوين ڪلام ريڊيو پاڪستان تي رڪارڊ ڪرايا ۽ موسيقار طور مختلف فنڪارن جي ڪلامن جون ڌنون پڻ ڪمپوز ڪرايون جيڪي اڄ به مقبول آهن. عبدالله ڪڇي پاڪستان ٽيليويزن جي شروعاتي ڏينهن ۾ گلوڪار طور ڳائڻ شروع ڪيو، جتي تڏهوڪي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ کيس متعارف ڪرايو، جنهن بعد پاڪستان ٽيليويزن سان آخري دم تائين لاڳاپيل رهيو ۽ هڪ سئوکان وڌيڪ پنهنجي آواز ۾ ڪلام رڪارڊ ڪرايا، جيڪي ڪلام عوامي مقبوليت جو سبب بڻيا. جڏهن ته عبدالله ڪڇي سنڌي فلمن ۾ پنهنجي آواز ۾ تمام گهڻا نغما ۽ گيت رڪارڊ ڪرايا، سندس مقبول ماڻيندڙ نغمن واريون فلمون قرباني ۽ ڦل ماڇي شامل آهن، جن نغمن عوامي مقبوليت ماڻي، جيڪي ڪلام اڄ تائين سندس يادگار بڻيل آهن. عبدلله ڪڇي انتهائي سادگي واري زندگي گذاريندڙ انسان هيو، جيڪو بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي فن جي مسلسل خدمت ڪندو رهيو، هن ڪڏهن به فن کي ويڪائو مال نه بڻايو. سنڌ اندر سنجيده قسم جي شاعري رڪارڊ ڪرايائين، جنهن ۾ سنڌ جي صوفياڻي ۽ تصوف واري شاعري کي وڌ ۾ وڌ ڳايو ۽ وڄايو آهي. هن پنهنجي مقبوليت واري عروج جي ڏينهن ۾ مختلف ڪئسيٽ ڪمپنين طرفان ولگرٽي واري شاعري ڳائڻ واري آفرز کي ٺڪرائي لکين رپين جون پيشڪش اهو چئي ٺڪرايو ته سنڌ جي حقيقي سُرن واري سنگيت سان ڌوڪو نه ڪندو ۽ هن جيڪي آڊيو ڪئسيٽ رڪارڊ ڪرايون، تن ۾ پڻ سنجيده ۽ سنڌجي تهذيت ۽ تمندن تي مشتمل شاعري کي .ئي ڳايو. استادعبدالله ڪڇي ريڊيو، ٽيليويزن کان سواءِ اسٽيج جي هزارين پروگرامن ۾ ڳايو جتي پڻ کيس عوام جي پذيرائي ملندي رهي ۽ سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي جي مختلف پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو. شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ميلي سميت سنڌ جي اهم درگاهن تي پڻ پنهنجي فن جو ڀرپور انداز ۾ مظاهرو ڪندو رهيو. عبدالله ڪڇي کي سنڌ ۾ فن جي خدمتن سبب سوين ايوارڊن سان نوازيو ويوتن ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچي طرفان 1997ع ۾ فنڪار ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو ۽ ٻين ادارن پاران به کيس مختلف ايوارڊن سان نوازيو ۽ لکين ماڻهن جون محبتون پڻ ساڻس سان هميشه گڏ رهيون. عبدالله ڪڇي کي اولاد ۾ 7 پٽ ۽ 3 نياڻيون آهن، تن مان وڏو پٽ غلام علي ڪڇي پنهنجي والد کان فن جي سکيا وٺي اڃا ڪلهه ڳائي رهيو آهي، جڏهن ته عبدالله ڪڇي جون 30 کان وڌيڪ آڊيو ڪيسٽ مختلف ڪمپنيز طرفان رڪارڊ ڪري رليز ڪيون ويون آهن، سنڌ جو هي نالي وارو راڳي عبدالله ڪڇي 8 مئي 1998ع ڌاري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي ميوه شاهه قبرستان ڪراچي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس فني سفر کي سندس پٽ غلام علي ڪڇي اڳتي وڌائي رهيو آهي جيڪو سريلي راڳي طور پنهنجو نالو ۽ پنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪري رهيو آهي. غلام علي ڪڇي ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل آفيس ۾ ملازم پڻ آهي، جڏهن ته عبدالله ڪڇي حياتي کان ڪجهه عرصو اڳ اکين جو نور وڃائي ويٺو هو، جنهن سبب سندس زندگي جا پويان ڏينهن انتهائي ڏکيا ۽ ڪسمپرسي وارا گذريا، جنهن سبب اڄوڪي ڏينهن 8 مئي تي انتهائي ڪمپسرسي ۽ غربت سبب هن فاني دنيا کان لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندس آواز مختلف ميڊيا جي ذريعن سان اڄ به موجود آهي. عبدالله ڪڇي جو نالو جيسيتائين سنڌ قائم آهي، تيسيتائين گونجندو رهندو. باقي استاد عبدالله ڪڇي جي آخير خواهش هئي ته کيس سنڌ سرڪار جو ثقافت کاتو لطيف ايوارڊ سان نوازي جيڪا سندس خواهش زندڱ ۾ ته پوري نو ٿي پر سندس مرڻ بحد پوري ٿيڻ گهرجي .










