سنڌ جا نوجوان ساٿ ڏين، زرداري کي شڪست ڏينداسين: عمران خان

سنڌ جا نوجوان ساٿ ڏين، زرداري کي شڪست ڏينداسين: عمران خان

سکر (ن سنڌيار) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ هڪ ارب رپين جي امدادي رقم ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سکر جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ پهرئين مرحلي ۾ هڪ ارب رپين جي امدادي رقم جي فراهمي جو اعلان ڪيو.عمران خان چيو ته مان سکر ان ڪري آيس ته ٻوڏ سان جيڪا تباهي آئي آهي، ان جو پاڻ جائزو وٺان، مان جيڪو پئسو گڏ ڪيو هو، ان مان هڪ ارب رپيا سنڌ لاءِ ڏيندس، ايندڙ آچر تي به جيڪو وڌيڪ پئسو گڏ ڪندس ته سنڌ لاءِ وڌيڪ پئسو ڏيندس.هن چيو ته سنڌ تمام گهڻو متاثر صوبو آهي، منهنجي ٽيم مون کي ٻڌائيندي ته پئسو ڪٿي خرچ ڪرڻو آهي.عمران خان چيو ته جڏهن منهنجو الله ٻيو ڀيرو اقتدار ۾ ڏيندو ڊيم ٺاهينداسين، بلوچستان مان هلندڙ نالن جي نتيجي ۾ تباهي آئي، بلوچستان جي نالن تي ننڍا ڊيم اڏينداسين.عمران خان وڌيڪ چيو ته سنڌ جا نوجوان تيار ٿي وڃو، واعدو ڪريان ٿو ڌاڙيل زرداري کي شڪست ڏيندس، زرداري سنڌ ۾ ظلم جو نظام قائم ڪيو آهي، زرداري کي پئسا ٺاهڻ جي بيماري آهي، هو سنڌ جو پئسو چورائي ٻاهر موڪليندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو