سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي صوبي ۾ توانائي جي برابر فراهمي جي عمل کي بهتر بڻائڻ ۽ توانائي بحران جي خاتمي لاءِ سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (سيپرا) جي قيام جو فيصلو ڪيو. مراد علي شاهه ڪابينا جي فيصلي کي بجلي جي پيداوار، ٽرانسميشن ۽ ورڇ بابت تاريخي قدم قرار ڏنو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. سيپرا: توانائي بابت صوبائي وزير امتياز شيخ ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ سمورن توانائيءَ جي ذخيرن جهڙوڪ ڪوئلي، سولر، ونڊ، زميني ۽ سامونڊي رستن سان مالا مال آهي جنهن کي توانائيءَ جي پيداوار لاءِ چڱي ريت ڪتب آڻي سگهجي ٿو. سنڌ گرڊ ڪمپني جي ٽرانسميشن نيٽ ورڪ ذريعي صوبي جي گهريلو، ڪمرشل ۽ صنعتي صارف گهٽ اگهه تي سندن ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. امتياز شيخ چيو ته صوبائي پاور پروجيڪٽس کي درپيش مسئلن جو بنيادي سبب ونڊ ۽ سولر ڊولپمينٽ جا نوان منصوبا جنهن کي قومي فريم ورڪ جي انڊيڪيٽو جنريشن ڪيپيسيٽي ايڪسپينشن پلان (IGCEP 2021) ۾ شامل نه ڪيو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ وفاقي ادارن جي دلچسپي نه هئڻ هو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ضروري آهي ته پيداوار، ٽرانسميشن، ڊسٽريبيوشن ۽ ريگيوليشن لاءِ هڪ جامع قانوني، پاليسي ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ جوڙيو وڃي ته جيئن صوبي ۾ توانائي جي برابر فراهمي کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ توانائي بحران کي ختم ڪري سگهجي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نيپرا ايڪٽ 1997 جي سيڪشن (4) (7) تحت صوبن کي پاور هائوسز ۽ گرڊ اسٽيشنز ٺاهڻ ۽ صوبي اندر ٽرانسميشن لائينون وڇائڻ ۽ صوبي ۾ بجلي جي ورڇ لاءِ ٽيرف مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ڪابينا تفصيلي غور ويچار کانپوءِ سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏني. بي آر ٽي ريڊ لائين: ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو ته ڪراچي بي آر ٽي ريڊ لائن منصوبي تي 503.2 ملين ڊالر جي لاڳت سان ADB ۽ ڪو فنانسرز سميت AIIB، AFD ۽ GCF جي سهڪار سان ترقي ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ٽرانسڪراچي منصوبي تي عملدرآمد ڪندڙ ادارو هو. BRT پروجيڪٽ ڪوريڊور شهري علائقن مان گذري ٿو جيڪو ملير هالٽ کان شروع ٿيندو ملير ڇانوڻي، صفورا، يونيورسٽي روڊ ۽ نمائش کان ٽاور تي ختم ٿئي ٿو. الاالدين پارڪ جي زمين جيڪا موسميات ڊپو جي ڀرسان آهي تنهن کي منصوبي جي ٻئي ڊپو طور استعمال ڪيو ويندو. ٽرانسپورٽ کاتي جي درخواست تي ڪابينا کاتي کي علاالدين پارڪ جي 16 ايڪڙ زمين فراهم ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏني ته جيئن بس ڊپو/ اسٽيجنگ جي سهولت طور تيار ڪيو وڃي. بس ڊپو جي خاصيتن ۾ بس پارڪنگ جي سهولت، بس انسپيڪشن ايريا، فلنگ اسٽيشن (بائيوگيس)، ورڪشاپ، آفيسون، بس واش ۽ ويڪيوم جي سهولت، واچ ٽاور، سيڪيورٽي ۽ مين انٽري گيٽس، واٽر ريسائڪلنگ پلانٽ ۽ فائر پمپ روم شامل آهن. ڪابينا ٽرانسپورٽ کاتي کي بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي لاءِ بائيو گيس پلانٽ لڳائڻ جي لاءِ سلاٽر هائوس جي زمين وٺڻ جي پڻ هدايت ڪئي. صوبائي ڪابينا ڀاڙن جي فرق کي پورو ڪرڻ لاءِ پيپلز بس سروس لاءِ 246.678 ملين رپين جي سبسڊي جي پڻ منظوري ڏني. گھٽ ۾ گھٽ اجرت: وزير محنت سعيد غني جي تجويز تي ڪابينا 42 صنعتن ۾ مزدورن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اجرت کي ٽن ڪيٽيگرين ۾ يعني گهٽ هنرمند، هنرمند ۽ گهڻي مهارت رکندڙ مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا پاران منظور ڪيل نئين شرح جنوري 2023ع کان گهٽ هنرمندن لاءِ 26000 رپيا، هنرمندن لاءِ 31961 رپيا ۽ گهڻي مهارت رکندڙ مزدورن لاءِ 33,491 رپيا هوندي. ايندڙ مالي سال ۾ مزدورن جي مختلف ڪيٽيگرن لاءِ نئين اجرت مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو. سنڌ بورڊ آف روينيو ۽ ايف بي آر وچ ۾ ڊيٽا شيئرنگ: روينيو بابت وزير مخدوم محبوب ڪابينا کي ٻڌايو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (FBR) سنڌ بورڊ آف روينيو سان ڊيٽا شيئرنگ بابت ٻطرفي معاهدي تي صحيح ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته جيئن عالمي بئنڪ جي ”پاڪستان ريزز روينيو“ پروگرام تحت وڌ کان وڌ آمدنيءَ جي پيداوار لاءِ مختلف سرڪاري شعبن جي ادارن وچ ۾ معلومات جي مٽاسٽا جو هڪ موثر ميڪنيزم جوڙي سگهجي. ان حوالي سان 6 اپريل تي ايف بي آر سان هڪ معاهدو ٿيو هو جنهن کي نظر ۾ رکندي ڪابينا منظوري ڏني. هينڊز- آئي ڊي ايس (HANDS-IDS): وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ڪابينا کي ٻڌايو ته هينڊز جي گورننگ باڊي گڏاپ ۾ ڊگري ڏيڻ واري اداري هينڊز انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اسٽڊيز (HANDS-IDS) جي قيام جي تجويز ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ايڇ اي سي کي چارٽر ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڪابينا تجويز جي منظوري ڏئي اسيمبلي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. ڪابينا صحت کاتي جي سفارش تي جسٽس عبدالرسول ميمڻ ۽ ڊاڪٽر غلام رسول شاهه کي سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو ڪمشنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو