جوهي(منصور گاڏهي) سنڌ اسيمبلي جو ميمبر سيد غلام شاهه جيلاني گهڻو عرصو بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. واضح رهي ته سيد غلام شاه جيلاني چار ڀيرا پ پ پ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو ۽ درگاه لاهوت لامڪان جو سجاده نشين پڻ رهيو. سيد غلام شاهه جيلاني جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ نئينگ شريف ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سيوهڻ مان رميز سولنگي موجب جنازي جي نماز ۾ ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ ۽ روشن علي ٻرڙو پڻ شريڪ ٿيا. صوبي سنڌ جا ڪافي تعداد ۾ ايم پي اي ۽ ايم اين اي به شريڪ ٿيا. ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ ، ڊي آء جي حيدرآباد نعيم احمد شيخ ، ايس ايس پي ڄام شورو توقير نعيم احمد به شريڪ ٿيا. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ طبيعت خراب ٿيڻ ڪري جنازي ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو. ڪافي تعداد ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا مريد پڻ شريڪ ٿيا.











