سنجراڻي کي خط، منهنجي قرارداد تي عمل نه ٿيو، دلاور

سنجراڻي کي خط، منهنجي قرارداد تي عمل نه ٿيو، دلاور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽر دلاور خان عام چونڊون ملتوي ڪرڻ واري ٺهراءَ تي عملدرآمد لاءِ سينيٽ چيئرمين کي خط لکي ڇڏيو آهي.خيبرپختونخواهه مان آزاد سينيٽر دلاور خان سينيٽ چيئرمين کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته افسوس جي ڳالهه آهي ته اليڪشن ڪميشن اڃا تائين 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قرارداد ۾ نشاندهي ڪيل خامين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ها ۽ ايوان جي نگران جي حيثيت سان مون کي مداخلت ڪرڻ گهرجي ها ۽ پنهنجي قرارداد تي عملدرآمد جي موجوده صورتحال معلوم ڪرڻ گهرجي ها.خط ۾ چيو ويو آهي ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊون ملتوي ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو