ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وسيلن جي حصول ۽ ٽيڪس ۾ واڌاري بابت اجلاس جي صدارت ڪندي سمورن ٽيڪس گڏ ڪندڙ کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اوڳاڙي جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائين ۽ مالي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻين ته جيئن صوبي جي ترقياتي ايجنڊا کي هٿي ڏئي سگهجي. وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير ايڪسائيز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول مڪيش ڪمار چاولا، چيف سيڪريٽري سندھ آصف حيدر شاهه، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، چيئرمين سنڌ روينيو بورڊ واصف ميمڻ، وڏي وزير جو سيڪريٽري آصف جيلاني، سيڪريٽري ايڪسائيز سليم راجپوت ۽ ٻين سينئر اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وڏي وزير محصول گڏ ڪندڙ اهم کاتن جهڙوڪ ايڪسائيز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي، بورڊ آف روينيو ۽ سنڌ روينيو بورڊ جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو. هن ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ، قانونن جي بهتر پاسداري يقيني بڻائڻ، محصولن جي ضايع ٿيڻ جي روڪٿام ۽ ٽيڪس اوڳاڙي ۾ شفافيت ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جي اثرائتي استعمال جي اهميت تي زور ڏنو. مراد علي شاهه چيو ته عوامي ڀلائي جي منصوبن، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ سنڌ جي عوام کي معياري خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ صوبائي محصولن ۾ واڌارو ناگزير آهي. هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي محصول وڌائڻ لاءِ جديد قدم کڻن ۽ ان سان گڏ ئي ٽيڪس ڏيندڙن کي شفاف ۽ ڪاروبار دوست طريقيڪار ذريعي سهولت فراهم ڪئي وڃي. اجلاس ۾ محصولن جي انتظامي نظام کي جديد خطن تي استوار ڪرڻ ۽ لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ رابطاڪاري بهتر بڻائڻ لاءِ جاري سڌارن جو به جائزو ورتو ويو. اختيارين وڏي وزير کي وسيلن جي حصول ۾ واڌاري ۽ وصولين جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ جاري مختلف قدمن بابت آگاهه ڪيو. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٽيڪس ۾ پائيدار واڌارو ۽ محتاط مالي انتظام، مالي استحڪام برقرار رکڻ ۽ حڪومت جي ترقياتي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ انتهائي اهم آهن. هن سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي ٽيڪس هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ صوبي جي معاشي ترقي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ لڳن ۽ پيشيوراڻي انداز ۾ ڪم ڪن. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ٽيڪس اوڳاڙي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سڄي صوبي ۾ مالي انتظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڌارن جي نفاذ جو عزم ڪيو.










