ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ هن وقت غير معمولي حالتن مان گذري رهيو آهي ۽ سمورا صوبا محدود وسيلن جي باوجود قومي ذميواريون نڀائي رهيا آهن. وفاق جي مضبوطي ۽ ملڪي استحڪام لاءِ سمورن صوبن پنهنجي ترقيءَ جي رفتار تي سمجھوتو ڪيو ۽ قومي مفاد کي هميشه پنهنجي ترجيح بڻايو. سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجي ترقيءَ کان پهرين پاڪستان جي بهتري ۽ استحڪام کي مقدم رکيو، ڇاڪاڻ ته ترقي بعد ۾ به ٿي سگهي ٿي، پر ملڪ جو مضبوط ٿيڻ سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي.
سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جديد تقاضن موجب ميڊيا مانيٽرنگ لاءِ مصنوعي ذهانت (Artificial Intelligence) جون خدمتون حاصل ڪيون آهن، جنهن جي ذريعي اخبارن، ٽيليويزن ۽ سوشل ميڊيا تي نشر ۽ اشاعت ٿيندڙ مواد جو تجزيو ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته سنڌ ملڪ جو پهريون صوبو آهي جنهن صحافين جي تحفظ لاءِ ”جرنلسٽس پروٽيڪشن ونگ“ قائم ڪيو، جڏهن ته سنڌ انفارميشن ڪميشن به سڀ کان پهرين سنڌ ۾ ئي قائم ڪئي وئي ته جيئن معلومات تائين رسائي ۽ شفاف طرزِ حڪمراني کي هٿي ڏئي سگهجي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ صحافت کي جيتري آزادي سنڌ ۾ حاصل آهي، تنهن جو مثال ڪنهن ٻئي صوبي ۾ نٿو ملي، پر بدقسمتيءَ سان ان ئي آزاديءَ جو سڀ کان وڌيڪ نشانو به سنڌ حڪومت بڻجي ٿي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه حلقا من گھڙت ڪهاڻيون ۽ غير تصديق ٿيل معلومات ڦهلائيندا آهن، جڏهن ته صحافت جو بنيادي اصول اهو آهي ته هر خبر جي تصديق کانپوءِ ئي ان کي عوام تائين پهچايو وڃي. سندس چوڻ هو ته تنقيد هر شهري ۽ هر صحافيءَ جو حق آهي، تنهن هوندي به اها ذميواري به لاڳو ٿئي ٿي ته بنا تحقيق ۽ تصديق جي ڪنهن به خبر کي نشر نه ڪيو وڃي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي خواهشن موجب وزارتون ورهائڻ ۽ وڏو وزير مقرر ڪرڻ جهڙا غير ذميواراڻا بيان گهڙيندا آهن، جڏهن ته حقيقت ان کان مختلف هوندي آهي. هن مثال ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ هڪ صحافي رڳو هڪ ٽويٽ ڪرڻ تي ئي ٻئي ڏينهن مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويو، پر سنڌ ۾ اظهار جي آزاديءَ کي هميشه تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جي فروغ لاءِ باقاعده پاليسي جوڙي، جنهن تحت بجيٽ به مختص ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي پهرين فلم ”مير الياري“ لڳ ڀڳ ساڍا پنج ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تيار ڪئي وئي، تنهن هوندي به ڪجهه حلقن ان جي لاڳت بابت ويهه ڪروڙ رپين جهڙا بي بنياد انگ اکر ڦهلايا. هن چيو ته هيءَ فلم مختلف بين الاقوامي پليٽ فارمن تي پيش ڪئي وئي ۽ بعد ۾ هڪ نجي ٽي وي نيٽ ورڪ به ان جي نشرياتي حق حاصل ڪيا، جيڪو ان منصوبي جي ڪاميابيءَ جو واضح ثبوت آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت هن وقت مختلف دستاويزي فلمون (ڊاڪيومينٽريز) به تيار ڪري رهي آهي ته جيئن دنيا کي سنڌ جو حقيقي، مثبت ۽ ثقافتي چهرائيءَ وارو روپ ڏيکاري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ”آئي ورڪ فار سنڌ“ جي نالي سان هڪ جديد ڊيجيٽل پليٽ فارم متعارف ڪرايو، جنهن کي هيل تائين 48 لک کان وڌيڪ ماڻهو وزٽ ڪري چڪا آهن، جڏهن ته هڪ لک 13 هزار کان وڌيڪ نوجوان ان تي رجسٽريشن ڪرائي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته ان پليٽ فارم ۾ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ”آٽو سي وي“ جي سهولت به موجود آهي، جنهن جي ذريعي اميدوار بغير ڪنهن اضافي محنت جي پنهنجي پيشيورانه معلومات مرتب ڪري سگهن ٿا.
شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي ڪارڪردگي جو تفصيل سان ذڪر ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي جديد، محفوظ ۽ معياري سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي وڏن منصوبن تي هڪ ئي وقت ڪم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته يلو لائين بي آر ٽي منصوبي تي تيزي سان اڳڀرائي جاري آهي، تاج حيدر برج جي هڪ حصي جي تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ڊيپو جي تعمير تي به ڪم جاري آهي. هن چيو ته منصوبي دوران هڪ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پاران ڪنٽريڪٽر کي قاعدن ۽ ضابطن جي ابتڙ اڳواٽ ادائگي ڪئي وئي، جنهن تي سنڌ حڪومت پاڻ ڪارروائي ڪندي احتساب جو عملي مثال قائم ڪيو.
هن چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي کي بلاجواز تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، جيتوڻيڪ شهري علائقن ۾ اهڙن وڏن منصوبن جي تڪميل ڪنهن صحرا ۾ تعميراتي ڪم ڪرڻ کان ڪٿي وڌيڪ پيچيده ۽ ڏکي هوندي آهي. سندس چوڻ هو ته شهري علائقن ۾ گئس، پاڻي، بجلي، سيويريج ۽ ٻيون يوٽيلٽي سروسز منتقل ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج هوندو آهي، جنهن جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن منصوبن ۾ دير اڻٽر ٿي ويندي آهي. هن ٻڌايو ته جڏهن لاڳاپيل ڪنٽريڪٽر گهربل رفتار سان ڪم مڪمل نه ڪري سگهيو ته سنڌ حڪومت ان جو معاهدو رد ڪري اهو منصوبو فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (FWO) جي حوالي ڪري ڇڏيو ته جيئن منصوبو وقت سر مڪمل ٿي سگهي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي بي آر ٽي منصوبو رڳو هڪ ٽرانسپورٽ اسڪيم ناهي پر ڪراچي جي عوام ۽ شهر جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي. هن ٻڌايو ته اورنج لائين بي آر ٽي کي سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن سان مڪمل ڪيو، جڏهن ته گرين لائين بي آر ٽي وفاقي حڪومت جو منصوبو هو، جيڪو بعد ۾ سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته جڏهن سنڌ حڪومت گرين لائين جو انتظام سنڀاليو ته ان جي روزاني رائيڊرشپ لڳ ڀڳ 53 هزار هئي، پر صرفن ٽن مهينن اندر ان کي وڌائي 78 هزار تائين پهچايو ويو. اهڙي طرح اورنج لائين بي آر ٽي جي روزاني رائيڊرشپ 1,800 مان وڌي 8,500 تائين پهچي چڪي آهي.
هن چيو ته پيپلز بس سروس هن وقت ڪراچي سميت حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، خيرپور ۽ ٽنڊوالهيار ۾ ڪاميابي سان هلي رهي آهي، جتي روزانو لڳ ڀڳ هڪ لک پنجويهه هزار شهري ان سهولت مان فائدو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي سستي ۽ معياري سفري سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ان منصوبي تي مسلسل سبسڊي به فراهم ڪري رهي آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جي پهرين اليڪٽرڪ (اي وي) بس به سنڌ حڪومت ئي کڻي آئي، جڏهن ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پنڪ اسڪوٽي اسڪيم متعارف ڪرائي وئي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ان منصوبي کي صرف هڪ هزار اسڪوٽيز تائين محدود قرار ڏئي تنقيد ڪن ٿا، پر حقيقت اها آهي ته جڏهن هي منصوبو شروع ڪيو ويو ته صرف لڳ ڀڳ 150 عورتن وٽ موٽرسائيڪل هلائڻ جو لائسنس موجود هو، جڏهن ته اڄ 25 هزار کان وڌيڪ عورتون ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪري چڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو پهرين عورتن جي اسڪوٽر هلائڻ تي اعتراض ڪندا هئا، اڄ اهي ئي پنهنجي ڌيئن کي ان منصوبي ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب ڏئي رهيا آهن، جيڪا معاشرتي سوچ ۾ مثبت تبديلي جي علامت آهي.
هن چيو ته حڪومت جو هدف هڪ لک عورتن کي ڊرائيونگ لائسنس جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي ۽ جيڪڏهن سرڪاري وسيلا محدود ٿيا ته نجي شعبي کي به ان عمل ۾ شريڪ ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته پنڪ اسڪوٽي رڳو عورتن لاءِ مخصوص منصوبو آهي، ان ڪري لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن ڪو مرد پنڪ اسڪوٽي استعمال ڪندي نظر آيو ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن وڌيڪ اعلان ڪيو ته هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت اليڪٽرڪ ٽيڪسي منصوبو به متعارف ڪرائڻ وڃي رهي آهي، جڏهن ته عورتن لاءِ خاص ”پنڪ ٽيڪسي“ سروس جي خوشخبري به تمام جلد عوام کي ڏني ويندي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي تقرير ۾ سنڌ ريونيو بورڊ (SRB) جي ڪارڪردگي جو به ذڪر ڪندي چيو ته اداري محصولن جي وصولي ۾ نمايان ڪاميايون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته جتي فيڊرل بورڊ آف ريونيو (FBR) جي شرحِ نمو لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو رهي، اتي سنڌ ريونيو بورڊ 24 سيڪڙو گروٿ حاصل ڪئي، جيڪا هڪ غير معمولي ڪاميابي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته فيڊرل بورڊ آف ريونيو 18 سيڪڙو، پنجاب 16 سيڪڙو جڏهن ته سنڌ حڪومت صرف 15 سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪندي آهي، ان جي باوجود سنڌ جي محصولن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ايف بي آر وٽ لڳ ڀڳ 23 هزار ملازم آهن، جڏهن ته سنڌ ريونيو بورڊ صرف 368 آفيسرن ۽ ملازمن سان پنهنجي محصولن جا هدف ڪاميابي سان حاصل ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ موجب، محدود افرادي قوت جي باوجود ايس آر بي جي ڪارڪردگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اثرائتي حڪمت عملي ۽ شفاف نظام بهتر نتيجا ڏئي سگهي ٿو.
پنهنجي خطاب جي ٽئين حصي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ حڪومت جي ترقياتي حڪمت عملي، امن امان، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ حاصل ٿيندڙ اڳڀرائي تي روشني وجهندي چيو ته حڪومت گذريل سالن دوران صوبي ۾ ٽي هزار هڪ سئو چوڏهن ڪلو ميٽر ڊگهي روڊن جي تعمير ۽ بحالي جو ڪم مڪمل ڪيو آهي. هن چيو ته مختلف صوبن سان تعلق رکندڙ صحافين کي سنڌ جي ترقياتي منصوبن جو دورو ڪرايو ويو، جن زميني حقيقتن جو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيو. سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ شاهراهن جي حالت سڀني جي سامهون آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ روڊ نسبتاً بهتر معيار جا آهن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تعليم کاتي ۾ ستانوي هزار استادن جون ڀرتيون مڪمل شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪيون ويون. هن چيو ته ايتري وڏي تعداد ۾ مقررين جي باوجود اڄ تائين ڪو هڪ به اهڙو ماڻهو سامهون ناهي آيو جنهن اهو الزام لڳايو هجي ته ڪنهن اميدوار کي سفارش يا سياسي اثر رسوخ جي بنياد تي ملازمت ڏني وئي. سندس موجب اهو سنڌ حڪومت جي شفاف ڀرتي جي نظام جو واضح ثبوت آهي ۽ ان ڪارڪردگي کي تنقيد جي بجاءِ ساراهڻ گهرجي.
هن چيو ته ڪجهه عنصرن ڪراچي ۽ سنڌ بابت منفي تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ حقيقت ان جي برعڪس آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ته سنڌ پوليس امن امان جي قيام ۾ نمايان ڪاميايون حاصل ڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته اڄ سنڌ ۾ اغوا براءِ تاوان جو ڪو وڏو مسئلو موجود ناهي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام جي جان و مال جي تحفظ لاءِ اثرائتي انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل کي نه صرف ملڪي پر وفاقي سطح تي به ساراهيو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم پاڻ ان ماڊل جي تعريف ڪندي وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ حڪومت جي تجربن مان فائدو وٺي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جتي سڄي ملڪ ۾ سنڌ حڪومت جي منصوبن کي ساراهيو ويندو آهي، اتي صوبي جي اندر ڪجهه اپوزيشن جماعتون رڳو سياسي اختلاف جي بنياد تي انهن منصوبن کي تسليم ڪرڻ کان گريز ڪن ٿيون.
شرجيل انعام ميمڻ ٿر ڪول منصوبي کي پاڪستان جي توانائي جي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته هي منصوبو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو، تنهن هوندي به سندس حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ان منصوبي تي ڪم روڪيو ويو. هن چيو ته 2008ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ صدر آصف علي زرداري جي خصوصي دلچسپي سان ان منصوبي تي ٻيهر ڪم شروع ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ٿر جي ڪوئلي مان ٽي هزار نئو سئو سٺ ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت ان منصوبي تي لڳ ڀڳ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي، پر ان جا ثمرات رڳو سنڌ تائين محدود ناهن پر سڄو پاڪستان ان مان فائدو وٺي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ٿر مان پيدا ٿيندڙ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪئي پئي وڃي. سندس موجب ان کان وڌيڪ پاڪستان جي خدمت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته سنڌ پنهنجي وسيلن سان سڄي ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي لڳ ڀڳ هر ضلعي ۾ ڊائگنوسٽڪ (تشخيصي) ۽ ٻيون طبي سهولتن جا مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جنهن جي ڪري عوام کي علاج معالجي جون بهتر سهولتون ميسر ٿي رهيون آهن. هن چيو ته اڄ وفاقي حڪومت به مختلف منصوبن ۾ سنڌ حڪومت جي تجربن مان فائدو وٺڻ جي خواهشمند آهي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ سنڌ کان مدد گهري رهي آهي.
شرجيل انعام ميمڻ ٻوڏ متاثرن لاءِ تعمير ڪيل گهرن جي منصوبي جو ذڪر ڪندي چيو ته دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو سنڌ ۾ جاري آهي، جنهن تحت اکيهه لک مڪان تعمير ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ جي مجموعي آبادي لڳ ڀڳ پنج ڪروڙ ڇپنجھ لک چيانوي هزار ماڻهن تي مشتمل آهي، ۽ جيڪڏهن هڪ گهر ۾ اوسطاً ڇهه ماڻهو رهن ٿا ته هي منصوبو هڪ ڪروڙ ڇويهه لک کان وڌيڪ ماڻهن کي رهائش فراهم ڪندو، جيڪو صوبي جي لڳ ڀڳ ٻاويهه سيڪڙو آبادي جي برابر آهي.
هن چيو ته ان ميگا منصوبي جي شفافيت ۽ معيار جو آڊٽ عالمي بئنڪ، پاڪستان آرمي ۽ مختلف بين الاقوامي ڊونر ادارن ڪيو آهي، جن ان منصوبي کي ڪامياب ۽ شفاف قرار ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي انهن سمورن گهرن جي مالڪي عورتن جي نالي منتقل ڪئي پئي وڃي ته جيئن کين معاشي ۽ سماجي طور بااختيار بڻائي سگهجي.
پنهنجي خطاب ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ بلدياتي خدمتن، صحت، تعليم، صنعت، سيڙپڪاري ۽ صوبي جي مثبت تشخص تي تفصيلي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ايفان ۾ بجيٽ ۽ ٻين معاملن تي ڊگهيون تقريرون ٿيون، پر ڪنهن به ڪچري جي مسئلي جو ذڪر نه ڪيو، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جتي جتي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جا ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، اتي صفائي جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن چيو ته ريسڪيو 1122 تحت جديد ايمبولينس سروس به عوام کي وقت سر ۽ معياري طبي امداد فراهم ڪري رهي آهي.
شرجيل انعام ميمڻ صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جي خدمتن جو ذڪر ڪندي چيو ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوويسڪيولر ڊيزيز (NICVD) ۾ هيل تائين 47 لک 40 هزار 941 مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته انهن ۾ سنڌ مان 41 لک 84 هزار 950، بلوچستان مان ٽي لک 86 هزار، خيرپختونخوا مان 42 هزار 637، پنجاب مان هڪ لک 19 هزار 88، آزاد جمون و ڪشمير مان 3 هزار 782 ۽ گلگت بلتستان مان 3 هزار 516 مريض شامل آهن. سندس چوڻ هو ته اهي انگ اکر ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته سنڌ جا سرڪاري اسپتال رڳو سنڌ جا ناهن پر سڄي پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ اسپتالن ۾ مريضن جو علاج انهن جو سڃاڻپ ڪارڊ يا صوبائي وابستگي ڏسي ناهي ڪيو ويندو پر هر پاڪستاني کي بنا ڪنهن فرق جي علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي. هن ماضي جو حوالو ڏيندي چيو ته هڪ وقت هو جڏهن خليجي ملڪن، خاص طور تي دبئي مان شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچي ايندا هئا، جڏهن ته ڄامشورو جي يونيورسٽين ۾ اڄ به بين الاقوامي شاگردن لاءِ مخصوص انٽرنيشنل هاسٽل موجود آهن، جيڪي سنڌ جي تعليمي روايت جي عکاسي ڪن ٿا.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جي معاشي زبون حالي جو آغاز ماضي جي غلط پاليسين سان ٿيو. هن چيو ته سنڌ ڪڏهن پاڪستان جو صنعتي مرڪز هو، جتي وڏيون صنعتون قائم هيون، پر پوءِ سازش تحت صنعتن کي ٻين علائقن ۾ منتقل ڪيو ويو. هن چيو ته بار بار جي هڙتالن، صنعتي عدم استحڪام ۽ خراب حالتن جي ڪري مزدور فئڪٽرين تائين نه پهچي سگهيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي صنعتون بند ٿي ويون يا ٻين علائقن ۾ منتقل ٿيڻ تي مجبور ٿيون.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ماضي جي تلخين ۾ الجهڻ جي بجاءِ مستقبل جي تعمير تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هن ايفان ۾ موجود سمورا ميمبر عوام جا چونڊيل نمائندا آهن ۽ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته سنڌ اسيمبلي جي وقار ۽ بالادستي کي وڌيڪ مضبوط بڻايون. هن اپوزيشن ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان صرف سياسي جماعتن جا نمائندا ناهيو پر هن صوبي جا ”برانڊ ايمبيسڊر“ ۽ ”مارڪيٽنگ مئنيجر“ به آهيو، ان ڪري سنڌ ۽ ڪراچي جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
هن چيو ته ڪجهه سياسي جماعتون روزانو پريس ڪانفرنسن ذريعي ڪراچي بابت صرف منفي تاثر پيش ڪنديون آهن، جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد متاثر ٿيندو آهي. هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن هر روز دنيا کي اهو ٻڌايو وڃي ته ڪراچي ۾ صرف مسئلا ئي مسئلا آهن ته پوءِ ڪهڙو سيڙپڪار هتي سيڙپڪاري ڪرڻ ايندو؟ سندس چوڻ هو ته هڪ زمانو هو جڏهن غير ملڪي شهري ڪراچي جي روڊن تي آزادانه گهمندا هئا، پر بعد ۾ ان شهر جي منفي تشهير ڪئي وئي، جنهن سان ان جي ساخ متاثر ٿي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، پر اهڙي تنقيد جنهن سان سڄي شهر ۽ صوبي جي بدنامي ٿئي، حقيقت ۾ پنهنجي ئي عوام ۽ پنهنجي ئي ووٽرن جي مفادن کي نقصان پهچائيندي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان واقعي ڪراچي ۽ سنڌ سان مخلص آهيون ته اسان کي ان جي منفي تشهير کان گريز ڪندي ترقي، سيڙپڪاري ۽ مثبت پهلوئن کي اجاگر ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته برسات ڪنهن به شهر ۾ ٿئي ته معمول جي خبر سمجهي ويندي آهي، پر ڪراچي ۾ برسات ٿيندي ئي ڪيتريون ئي ڪلاڪ مسلسل منفي نشريات هلايون وينديون آهن، جنهن سان شهر جو غير حقيقي تاثر دنيا جي سامهون پيش ٿيندو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن شهر سان محبت جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ته ان جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي بجاءِ ان جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايفان ۾ ڪجهه ميمبرن خانداني سياست تي تنقيد ڪئي، پر ڪنهن به ان حقيقت جو ذڪر نه ڪيو ته ڪرشنا ڪماري جهڙي پسمانده طبقي سان تعلق رکندڙ عورت به پاڪستان جي سينيٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، جيڪا پاڪستان پيپلز پارٽي جي برابري واري نمائندگي جي نظريي جو عملي ثبوت آهي.
هن چيو ته اسلام آباد جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ شيشه ڪلچر جاري آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ان تي پابندي لڳل آهي. هن وڌيڪ چيو ته انفراسٽرڪچر سيس ٽيڪس جي مد ۾ لڳ ڀڳ ٻه سئو ارب رپيا وفاقي حڪومت وٽ سنڌ جا رهيل آهن. هن اپوزيشن کان مطالبو ڪيو ته جيئن ته سندن جماعتون وفاقي حڪومت جو حصو آهن، ان ڪري اهي سنڌ جي انهن جائز مالي حقن جي حصول لاءِ به آواز اٿارين.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي ترقي، خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ سمورن سياسي قوتن کي گڏيل اختلافن کان مٿانهون ٿي متحد ٿيڻو پوندو. هن اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن جا دروازا اپوزيشن لاءِ کليل آهن ۽ جيڪڏهن اهي عوامي مفاد ۾ تجويزون ڏيڻ چاهين ته حڪومت کين ڀليڪار چوندو. هن اپوزيشن جماعتن تي زور ڀريو ته روايتي سياسي بيانن، جلسن ۽ روزاني جي منفي پريس ڪانفرنسن ذريعي ڪراچي ۽ سنڌ جي بدنامي ڪرڻ جي بجاءِ صوبي جي ترقي، سيڙپڪاري ۽ خوشحالي لاءِ حڪومت سان گڏجي تعميري ڪردار ادا ڪن.










