ٽنڊوباگو (ن سنڌيار) ٽنڊوباگو ۾ وسڪي شراب، سفينا گٽڪو، ڀنگ چرس ۽ آئيس جو نشو سرعام هلڻ لڳو، ٽنڊوباگو پولیس منٿلي تي مال اوڳاڙڻ ۾ پوري، معصوم ٻار توڙي نوجوان نسل تباهي جي ڪناري تي. خبر موجب ٽنڊوباگو شھر ۾ ڪيتري وقت کان وٺي ٻه نمبري وسڪي شراب، چرس، سفينا، ڀنگ ۽ آئيس جهڙا خطرناڪ نشا سرعام وڪرو ٿي رھيا آھن. ٽنڊوباگو شهر جو هڪ بدنام منشيات فروش ( ن ڪمار) لوهاڻو پوليس کي هفتي وار وڏي منٿلي عيوض سرعام ٽنڊوباگو جي بس اسٽاپ تي سندس موبائيل واري دڪان تي ٻه نمبر جي وسڪي شراب وڪرو ڪري رهيو آهي. جڏهن ته پوليس منشيات فروشن کي شھر ۾ منشيات کپائڻ لاءِ کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. هتان جي سياسي سماجي ڌرين ڪيترا ڀيرا ٽنڊوباگو ۾ منشيات کي بند ڪرائڻ لاءِ ايس ايس پي بدين کي شڪايتون ڪيون آهن پر ان تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي. ٽنڊوباگو جي شهرين غلام محمد خواجه دلبر سنڌي، غلام علي خاصخيلي ۽ محمد يوسف ميراڻي ۽ ٻين چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آئي جي سنڌ پوليس، ڊي آئي جي حيدرآباد پوليس کان گهر ڪئي آهي ته ٽنڊوباگو شهر ۾ منشيات کي بند ڪرائي نوجوان نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ ٽنڊوباگو جي بدنام زمانه منشيات فروش ن ڪمار لوهاڻو ۽ سھولت ڪار پوليس اھلڪارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.










