نيويارڪ: (ويب ڊيسڪ) عالمي تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي سلامتي ڪونسل ۾ پاڪستان جي پيش ڪيل قرارداد 2788(2025) گڏيل طور تي منظور ڪئي وئي آهي. اهو قدم عالمي امن ۽ سلامتي ۾ پاڪستان جي موثر ڪردار جو مظهر آهي.پاڪستان طرفان پيش ڪيل قرارداد جو عنوان هو(تڪرارن جي پرامن حل لاءِ طريقه ڪار کي مضبوط بنائڻ)، جنهن کي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار عالمي فورم تي پيش ڪيو.قرارداد ۾ سفارتي ڪوششن، ٽياڪڙي، اعتماد سازي ۽ عالمي، علاقائي مڪالمي جي تڪرارن جي پائيدار حل جو بنيادي ذريعو قرار ڏنو ويو آهي. سلامتي ڪونسل ميمبر ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي تڪرارن جي حل لاءِ طاقت جي بجاءِ پرامن ذريعن کي ترجيح ڏين ۽ لاڳاپيل قراردادن تي موثر عمل ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم يقيني بنائين.قرارداد ۾ علاقائي ۽ ذيلي علاقائي تنظيمن کي به اپيل ڪئي آهي ته اهي پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ تيزي آڻين ۽ گڏيل قومن سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪن.پاڪستان انهي قرارداد جي منظوري کي گڏيل قومن ۾ پنهنجي سفارتي ڪاميابي ۽ عالمي امن جي قيام لاءِ هڪ بهتر اڳڀرائي قرار ڏنو آهي.










