سلامتي جي خطري وارو خط ڏيکاري، عمران سان گڏ آهيون

سلامتي جي خطري وارو خط ڏيکاري، عمران سان گڏ آهيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت جي اتحادي ڌر بلوچستان عوامي پارٽي اپوزيشن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بلوچستان عوامي پارٽي يعني باپ جي 4 ميمبرن اپوزيشن جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي، اسان بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ ساڻن گڏجي ڪم ڪنداسين. هنن جيڪو گڏيل اپوزيشن سان گڏجڻ جو اعلان ڪيو آهي ته اسان به هنن سان گڏجي بلوچستان جي ترقي لاءِ ڪم ڪنداسين. شهباز شريف چيو ته عمران خان علامي ساز ش واري خط جو ڊرامو پيو ڪري، جيڪڏهن پاڪستان جي رياست ۽ سلامتي کي خطرو آهي ته عمران خان قومي اسمبلي ۾ اهو خط آڻي اسانکي ڏيکاري جيڪڏهن اهڙي صورتحال هوندي ته اسين سڀ گڏجي ان کي منهن ڏينداسين. اسين هن سان گڏ بيهڻ لاءِ تيار آهيون. اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته بي اي پي اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان جن اچي عزت ڏني، اڄڪلهه عدم اعتماد جي موسم آهي، جلد شهباز شريف کي وزير اعظم بڻائينداسين. مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان عالمي سازش جو ڊرامو پيو ڪري، هي پنهنجي مالڪن لاءِ ٻوجهه بڻجي ويو آهي. ياد رهي ته باپ پارٽي جي 5 ميمبر آهن جن مان زبيده جلال وزير آهي ۽ اها آخري ڏينهن تي اپوزيشن جوائن ڪندي. جي ڊي اي جي ٽن ميمبرن مان فهميدا مرزا جيڪا وفاقي وزير آهي اها نه ايندي پر ٻيا 2 ميمبر به جلد اپوزيشن ۾ ايندا. علينواز شاهه ۽ اسلم ڀوتاڻي 2 آزاد ميمبر آهن اهي به اپوزيشن ۾ ايندا. اپوزيشن جي عدم اعتماد جي حمايت ڪندڙ ميمبرن جو تعداد پورو ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو