اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستاني سفارتخانن کي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا ڳولڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ بابت هڪ جائزو اجلاس ٿيو.وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهه ۾ موجود پاڪستاني سفارتخانا روزگار جي موقعن جي ڳولا ۾ تيزي آڻين، پروٽيڪٽريٽ آف اميگريشن جي سموري نظام کي ڊيجيٽلائز ڪيو وڃي، ۽ اوورسيز پاڪستانيز واري وزارت، نيوٽيڪ (NAVTTC) ۽ يوٿ پروگرام گڏجي هُنر ۽ لينگويج (ٻولين جا) ڪورسز سرٽيفڪيشن سان گڏ يقيني بڻائين. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جي افرادي قوت باصلاحيت آهي، بين الاقوامي معيار جي تعليم ۽ عالمي سطح تائين پهچ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. پاڪستاني سفارتخانا پرڏيهه ۾ روزگار جي موقعن کان آگاهي ۽ ڊيٽا جي فراهمي لاءِ قدم تيز ڪن، ۽ پاڪستاني سرٽيفڪيشنز کي بين الاقوامي معيار جي برابر ڪرڻ لاءِ ادارا مختلف ملڪن سان رابطا مضبوط ڪن. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ‘ڊيجيٽل يوٿ هب’ ۾ 8 لک نوجوان رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، پاڪستانين کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ تربيتي پروگرام جاري آهن، ۽ پاڪستاني سفارتخانا روزگار جا موقعا ۽ انهن لاءِ گهربل قابليت جي معلومات ڊيجيٽل يوٿ هب پورٽل تي فراهم ڪندا.










