رياض (ويب ڊيسڪ)رائل سعودي ايئر فورس جو جنگي جهاز اربع جي شام ٽريننگ مشن دوران ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عملو مارجي ويو.سعودي بچاءَ واري وزارت جي سرڪاري ترجمان برگيڊيئر جنرل ترڪي المالڪي هڪ بيان ۾ حادثي جي تفصيل ڏني.ترجمان موجب رائل ايئر فورس جو ايف 15 ايس اي فائٽر جيٽ ٽريننگ مشن دوران خميس مشت ۾ ڪنگ خالد ايئربيس جي ٽريننگ ايريا ۾ ڪري تباهه ٿي ويو.سرڪاري ترجمان به حادثي ۾ جهاز جي عملي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.ترجمان وڌيڪ چيو ته حادثي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪميٽي پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.










