رياض(ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب 17 مئي کان بين الاقوامي اڏا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.عرب ميڊيا موجب ، سعودي عرب جي سول ايويشن اٿارٽي ڪورونا وائرس جي ڪري معطل ٿيل بين الاقوامي هوائي آپريشن بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ، جنهن بعد انٽرنيشنل پروازون 17 مئي کان ٻيهر شروع ٿينديون.سعودي سرڪار پهريان جنوري ۽ پوءِ 31 مارچ کان انٽرنيشنل اڏامون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر هاڻي سول اييويائيشن سرڪلر ۾ تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.سول ايئر ويڊيشن جو سعودي جنرل اٿارٽي تصديق ڪئي آهي ته مقامي ايئرپورٽس کي هڪ سرڪلر جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بين الاقوامي پروازون هاڻي 31 مارچ جي بدران 17 مئي کان هلنديون. سعودي ايئر ايويٽيشن جو چوڻ آهي ته انهن ملڪن ۾ فلائيٽ آپريشن معطل ٿي سگهي ٿو ، جتي ڪورونا وائرس جي صورتحال اڃا به نازڪ آهي.عرب ميڊيا موجب ، سعودي عرب ۾ ڪرونا وبا جي ڪري بند ٿيل مقامي هوائي آپريشن جلدي بحال ٿي ويا آهن ۽ مقامي سطح تي هفتيوار پروازن جو تعداد سڄي ملڪ ۾ 3 هزار کان وڌي ويو آهي.










