سعودي عرب سان معمول جا لاڳاپا ۽ امن چاهيون ٿا: نيتن ياهو

يروشلم (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته هو سعودي عرب سان معمول جا لاڳاپا ۽ امن چاهين ٿا.آمريڪي سينيٽر لنز گراهام اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ نيتن ياهو چيو ته هو سعودي عرب سان معمول جا لاڳاپا ۽ امن چاهين ٿا، اسان لاڳاپن کي عرب اسرائيل تڪرار جي خاتمي لاءِ وڏي قدم طور ڏسندا آهيون.ان کان علاوه، رضا پهلوي، ايران جي معزول بادشاهه جو جلاوطن پٽ، هن هفتي اسرائيل جو دورو ڪندو.اسرائيلي حڪومت جو چوڻ آهي ته هڪ جمهوري ايران پنهنجي عرب پاڙيسري ۽ اسرائيل سان لاڳاپن جي تجديد جي ڪوشش ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو