سعودي شهرين لاءِ 3 قسطن ۾ حج خرچن جي ادائيگي جي سهولت

رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي حج ۽ عمره واري وزارت حج جي خواهشمند سعودي شهرين لاءِ حج پيڪيج جا خرچ 3 قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي سهولت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.ان سهولت کانپوءِ سعودي عازمين حج پيڪيج جا خرچ هڪ ڀيرو ادا ڪرڻ بدران 3 قسطن ۾ ادا ڪري سگهندا.سعودي حج ۽ عمره واري وزارت موجب ان اسڪيم تحت سعودي حاجين کي مجموعي خرچن جو 20 سيڪڙو رقم رجسٽريشن جي تاريخ جي 72 ڪلاڪن اندر ادا ڪرڻي پوندي، جڏهن ته 40 سيڪڙو جي ٻي قسط 7 رجب 1444 هجري تائين ادا ڪرڻي پوندي. باقي 40% 10 شعبان 1444ھ تائين ادا ڪرڻو پوندو.سعودي حج واري وزارت چيو آهي ته هر ادا جي الڳ رسيد ڏني ويندي، ادائگي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ حج اسٽيٽس کي ڪنفرمڊ ۾ تبديل ڪيو ويندو.سعودي حج واري وزارت موجب جيڪڏهن ٽئي ادائگيون وقت تي نه ٿيون ته حج جي بکنگ منسوخ ڪئي ويندي جڏهن ته مڪمل ادائگي جو آپشن به موجود هوندو.سعودي نائب حج ۽ عمره واري وزير ڊاڪٽر عبدالفتاح مشاط جو چوڻ آهي ته حج جي قسط ادا ڪرڻ واري اسڪيم جي رجسٽريشن هڪ مقرر مدي لاءِ هوندي ۽ اها رجسٽريشن بند ڪئي ويندي جڏهن حاجين جو انگ وڌي ويندو.سعودي عرب جي حج ۽ عمره واري وزارت ملڪ اندر کان ايندڙ حاجين جي حج 1444 لاءِ رجسٽريشن شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ پيڪيج 3 هزار 984 ريال کان شروع ٿي رهيو آهي.سعودي حج ۽ عمره واري وزارت جو اهو به چوڻ آهي ته سعودي شهري ۽ سعودي شهري جيڪي هن سال حج ڪرڻ جا خواهشمند آهن اهي به وزارت جي ويب سائيٽ ۽ ناسڪ ايپ ذريعي درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو