سعودي بادشاهه جي ڀاءُ سميت 3 اهم شخصيتون گرفتار

سعودي بادشاهه جي ڀاءُ سميت 3 اهم شخصيتون گرفتار

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ميڊيا ذريعن جي حوالي سان خبر ڏني آهي ته سعودي شاهي خاندان جون 3 اهم شخصيتن کي بغاوت جي شڪ ۾ گرفتارڪيو ويوآهي. جن ۾ سعودي عرب جي بادشاهه  شاهه سلمان جو ننڍو ڀاءُ ۽ ڀائٽيو به شامل آهن. انهن گرفتارين پٺيان ولي عهد محمد بن سلمان جو هٿ آهي. انهن ۾ ٻه طاقتور شخصيتون به شامل آهن. ياد رهي ته 2017 ۾ ولي عهد جي حڪم تي اهم سعودي شاهي خاندان جي فردن، ڪاروبارين ۽ حڪومتي عهديدارن کي هڪ هوٽل ۾ قيد ڪيو ويو هو جنهن بعد ساڻن ڏيتي ليتي ۽ واعدن ۽ گارنٽين بعد آزاد ڪيو ويو هو. 2016 ۾ محمد بن سلامن جي ولي عهد طور مقرري بعد هنکي عملي حڪمران سمجهو ويندو آهي. وال اسٽريٽ جرنل موجب ماسڪ پاتل ۽ ڪاري رنگ جي لباس پهريل سيڪورٽي اهلڪارن ٽنهي سعودي شخصيتن کي پنهنجي پنهنجي گهران گرفتار ڪيو آهي. ولي عهد قدامت پسند سعودي عرب وڏي پئماني تي اصلاحات متعارف ڪرايا هئا جنهن سبب کيس دنيا ۾ پذيرائي ملي هئي. ان سان گڏوگڏ مٿس سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل سميت مختلف معاملن تي مسلسل تنقيد به ٿيندي رهي آهي. هن وقت سعودي عرب ڪورونا وائرس سبب عمري تي پابندي لڳائي آهي ۽ مڪي ۽ مديني جي ٻنهي مقدس مسجدن ۽ روضه رسول جي زيارتن تي به پابندي هنئين آهي ۽ صفائي لاءِ بند ڪيو هو ايندڙ حج جي حوالي سان به صورتحال غير واضح آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو