سعديه امام وڏي عرصي کان پوءِ منظر عام تي اچي وئي

سعديه امام وڏي عرصي کان پوءِ منظر عام تي اچي وئي

ڪراچي(شوبزنيوز)ڊگهي وقفي کانپوءِ ماضي جي مقبول ترين اداڪارائن مان هڪ پاڪستاني اداڪارا سعديه امام جون پنهنجي ڌيءَ سان گڏ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون. اداڪارا سعديه امام جون دلڪش تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن جنهن ۾ سندس ڌيءَ به ساڻس گڏ موجود آهي.اهي تصويرون ميزبان ندا ياسر جي مارننگ شو جي سيٽ تي ورتيون ويون جتي سعديه امام مهمان طور شرڪت ڪئي. سعديه امام خوبصورت هلڪي رنگ جو لباس پهريو هو جڏهن ته سندس ڌيءَ به پنهنجي ماءُ جهڙو لباس پهريل هو.سوشل ميڊيا صارفين تصويرن کي ڏسي خوش ٿي رهيا آهن ۽ تبصرا ڪندي اداڪارا جي ڌيءَ جي خوبصورتي کي تمام گهڻو ساراهي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو