سرگوڌا: (ويب ڊيسڪ) لاهور کان ميانوالي ويندڙ ميانوالي ايڪسپريس ٽرين جون ٻه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.ريلوي اختيارين موجب، ٽرين جون بوگيون مجاهد ڪالوني جي ويجهو پٽڙي تان لهي ويون. واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ۽ نه ئي ڪو مسافر زخمي ٿيو.اختيارين جو چوڻ آهي ته مسافرن کي ٻين ڪوچن ۾ رکيو ويو آهي ۽ انهن جي منزل ڏانهن موڪليو ويو آهي.ريلوي اختيارين موجب، ريلوي عملو پٽڙي تان لهي ويل بوگين کي واپس ٽريڪ تي رکڻ لاءِ واقعي واري هنڌ تي موجود آهي.










