سرڪي  قتل جو مک جوابدار گرفتار، سڄي شهر جو گشت

سرڪي قتل جو مک جوابدار گرفتار، سڄي شهر جو گشت

ٺل(عبدالنبي شيخ)ڀتو نه ڏيڻ تان قتل ٿيل ايس يو پي ڪارڪن جي قتل جي مک ملزم کي پوليس گرفتار ڪري  شهر جو گشت ڪرائڻ بعد کيس لاڪپ ڪري ڇڏيو. سندس گرفتاري تي پوليس جي حمايت ۾ شهري روڊن تي نڪري آيا ۽ پوليس جي حق ۾ نعرا هنيا. ايس ايس پي جيڪب آباد وارثن وٽ پهچي جوابدار کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي. اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جيئي سنڌ چوڪ تي ساڍا ٽي مهينا اڳ قتل ٿيل ايس يو پي ڪارڪن ۽ شڪارپور سوئيٽس بيڪري جي مالڪ قائم الدين سرڪي جي قتل ڪيس ۾ پوليس خفيه اطلاع ملڻ تي ڪاروائي ڪندي مک جوابدار  ربنواز عرف ربو ولد مولا بخش ٻرڙو کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس پاران گرفتار ڪيل جوابدار ربو ٻرڙو کي ٺل جي اسٽيشن روڊ کان  اي سيڪشن ٿاڻي تائين گشت ڪرايو ويو،جنهن سبب ڪيترائي شهري گڏ ٿي ويا ۽ پوليس جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي. ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي مقتول جي وارثن وٽ پهچي ويو، جتي سندس والد شرف الدين سرڪي، ڀاءُ امام الدين سرڪي، جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن جمال الدين ٻرڙو، قاري عنايت الله مهر،جاويد ساغر، وسيم قريشي،آدرش سنڌي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا،ايس ايس پي جيڪب آباد پاران ڪيس ۾ گهربل ٻين جوابدارن اصغر عرف ڳاڙهو ۽ طالب حسين ٻرڙو جي گرفتاري جي پڻ خاطري ڪرائي، ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي چيو ته پوليس جي خصوصي ٽيم جوڙي هئي جنهن ڏينهن رات محنت ڪري قتل ڪيس جي مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف باقي رهيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي ڇنڇر تي  65هين ڏينهن به ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مقتول جي وارثن ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن شاهه عبدالطيف لائبريري کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا شهر جي مختلف چوڪن ۽ رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي.

پهنجو تبصرو موڪليو