سرڪلر ريلوي جون رڪاوٽون ختم ڪريو، عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪراچي سرڪلر ريلوي آڏو سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن، سُپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار ۽ ريلوي کاتي کي ڪي سي آر بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سرڪلر ريلوي جي روٽ تي آيل پُلين ۽ انڊر پاس جي سروي ڪرڻ جو حڪم، ريلوي ۾ خساري واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ايم ايل ون منصوبي لاءِ سٺيون پُليون ٺاهيون وڃن، سيڪريٽري ريلوي عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ايم ايل ون ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ پُليون ٺاهيون وينديون، ايم ايل ون جو پيڪيج ون ٽن سالن ۾ پورو ٿيندو، چيف جسٽس چيو ته 3 سال تمام وڏو عرصو آهي، فنڊز موجود آهن ته منصوبو پورو ٿيڻ ۾ وقت نه لڳڻ گهرجي، 18 سئو ڪلوميٽرز تائين ٽريڪ وڇائڻ چين لاءِ ڏکيو نه آهي، عدالت پلانگ ڪميشن کي ريلوي جي ري اسٽرڪچرنگ لاءِ چئن هفتن جي ملهت ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو