سريلنڪا ۾ معاشي بحران، حڪومت خلاف احتجاج

سريلنڪا ۾ معاشي بحران، حڪومت خلاف احتجاج

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ)سريلنڪا ۾ بدترين معاشي بحران تي حڪومت خلاف احتجاج جاري آهي، پارليامينٽ جي ويجهو پوليس مظاهرين وچ ۾ جهڙپ ۾ 45 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڪولمبو ۾ گذريل رات کان لاڳو ڪيل ڪرفيو اڄ صبح ختم ڪيو ويو، سريلنڪن صدر راجا پاڪسي جي استعيفيٰ اڃا تائين اسپيڪر کي نه ملي آهي.صدر راجا پاڪسي بار بار اسپيڪر کي يقين ڏياريو هو ته هو سڀاڻي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو، هو استعيفيٰ ڏيڻ کانسواءِ ڪالهه ايئر فورس جي جهاز ۾ مالديپ فرار ٿي ويو هو. مالديپ جي ميڊيا موجب راجا پاڪسي خانگي جهاز ذريعي مالديپ کان سنگاپور روانو ٿيندو پر سندس آخري منزل واضح ناهي. سريلنڪا جي پارليامينٽ طرفان ايندڙ هفتي صدر جي نالي جو اعلان ٿيڻ جو امڪان آهي، وزيراعظم وڪر سنگهه کي سري لنڪا جو وقتي صدر مقرر ڪيو ويو آهي.سريلنڪا جي آرمي چيف عوام کي پرامن رهڻ ۽ آئين جو احترام ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو