سرهيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 6 ڄڻا زخمي

مورو (مورائي اياز سولنگي) سرھيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ھڪ ڌر پاران ٻئي برادري جي ماڻھن کي گھرائڻ کان پوءِ ٻئي ڌر جي ماڻهن تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جهيڙي ۾ لٺين سروٽن ۽ سيخن سان حملو ڪيو ويو. زخمين کي اسپتال آندو ويو. جتي زخمين جي وارث خالد سرھيو صحافين کي ٻدايو ته اسان جو پنھنجي برادري سان معمولي ڳالھه تي جھڙو ٿي پيو جنھن کان پوء اسان جي مائٽن لنڊ برادري سميت مختلف ماڻھن کي ڪانڍ ڪري اسان جي ڇوڪرن کي ڪٽڪو ڏنو. جنھن جي نتيجي ۾ پرويز، دلشاد، آفتاب، زين سرھيو ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال آندوسين جتي وري زخمين مٿان لنڊ برادري جي ماڻھن ٻيھر حملو ڪيو ھن وڌيڪ چيو  اسان شريف شھري آھيون اسان تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ايس ايچ او مورو قربان ڪلوڙ زخمين وٽ پھچي انھن کي انصاف ڏيارڻ جو ڀرپور يقين ڏياريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو