اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان جي سرزمين تان فتنه الھندستان کي ختم ڪرڻ کان پوءِ هندستان جي حمايت يافته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪامياب نه ٿيندا، وفاقي وزير داخلا محسن نقوي گورنر خيبر پختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ خيبر پختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال ۽ دهشتگردي جي تازين واقعن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. صوبي جي مختلف ضلعن ۾ فتنہ الھندوستان خلاف جاري آپريشن ۽ موجوده پاڪ-افغان صورتحال تي پڻ غور ڪيو ويو، خيبر پختونخوا ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ لاءِ فتنہ الھندوستان خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ پوليس ٽريننگ سينٽر ۽ نادرا آفيس ڊي آءِ خان تي حملن جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته خيبر پختونخوا جي عوام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي جي لعنت جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي، هن چيو ته فتنہ الھندوستان جا دهشتگرد پاڪستان جي اتحاد ۽ امن جا دشمن آهن، ظالم عنصرن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون، وفاقي حڪومت صوبي ۾ امن و امان ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مڪمل ممڪن تعاون فراهم ڪري رهي آهي، محسن نقوي چيو ته هو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخوا جي عوام جي قربانين جي تعريف ڪري ٿو، گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته خيبرپختونخوا جا ماڻهو امن جا حامي آهن، ۽ امن قائم ڪرڻ خيبرپختونخوا جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ناگزير آهي، هن چيو ته ملڪ ۽ قوم جا دشمن دهشتگردن خلاف انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروايون ناگزير آهن.










