سرحد (رپورٽر) سرحد ڀرسان مزدا جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر، ھڪ عورت چيڀاٽجي فوت ٿي وئي، معصوم ٻار سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي، سرحد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڊرائيور کي مزدا سميت گرفتار ڪري ورتو ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، خبر موجب سرحد ڀرسان قومي شاهراهه ڪارو گهٽ وٽ روڊ حادثو مزدا جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر ھڪ عورت 29 سالا مائي اشرا زال ڪامران عباسي چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته ٽي سالا معصوم نيگر حسنين، عبدالرحمان ۽ مائي ياسمين عباسي سخت زخمي ٿي پيا، سرحد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڊرائيور کي مزدا سميت گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي وئي ڪيس داخل ۽ زخمين کي ايمبولينس ذريعي گھوٽڪي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته پوليس حادثي ۾ فوتي عورت جو لاش اسپتال کڻائي وئي جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،ان موقعي تي سرحد پوليس جو چوڻ هو ته واقعو تيزرفتاري سبب پيش آيو آهي ، ھوڏانھن فوتي عورت مائي اشرا جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو،










