اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سپريم ڪورٽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت تي آزادي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ اسپيشل پراسيڪيوٽر جنرل نيب پنهنجي دليلن ۾ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حقيقتن جو جائزو ئي ناهي ورتو.سراج دراني جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جا سمورا ثبوت پيش ڪيا. ان موقعي تي آغا سراج دراني جي وڪيل چيو ته نيب جي ڪنهن به ماڻهو موقعي تي وڃي ملڪيتن جو جائزو ناهي ورتو.وڪيلن جي دليل تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ضمانت جي فيصلي ۾ ڪوبه سبب بيان ناهي ڪيو. بنا سببن جي ڪيئن ضمانت ڏني وئي. ڪيس ٻيهر هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪلي ٿا ڇڏيون ۽ فيصلي جا تفصيلي سبب بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.عدالت شريڪ جوابدار جي وڪيل کي هاءِ ڪورٽ ۾ دليلن جي هدايت ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو ۽ آغا سراج دراني سميت شريڪ جوابدارن جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو. عدالت چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حقيقتن جو ٻيهر جائزو وٺي 2 مهينن ۾ فيصلو ڪري.










