ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي مرڪزي امير سراج الحق جي اپيل تي گوادر جي هردلعزيز اڳواڻ مولانا هدايت الرحمن جي آزادي لاءِ ٿيندڙ ملڪ گير احتجاج جي سلسلي ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين ڀرپور احتجاج ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاه، سڪرنڊ، نوشهروفيروز، شهدادڪوٽ، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، تنگواڻي، لاڙڪاڻو،ڪوٽري،دادو،عمرڪو،عمرڪوٽ ۽ مٺي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، سيمينار، جلسا جلوس ڪڍيا ويا جن جي اڳواڻي جماعت اسلامي، جي يو آءِ يوٿ ۽ اين ايل ايف اڳواڻن خطاب ڪيو. سنڌ جي امير محمد حسين محنتي قباء آڊيٽوريم ۾ رٿيل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته مولانا هدايت الرحمن جي گرفتاري ۽ 100 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود سندس ضمانت نه ٿيڻ سراسر ظلم، هتي قاتلن، دهشتگردن ۽ ملڪ جو قيمتي ناڻو لٽڻ وارن جون منٽن ۾ ضمانتون ٿيو وڃن، پر گوادر ۽ بلوچستان جي مظلوم عوام جي جائز حقن ۽ ڪرپٽ ٽولي خلاف حق جو آواز بلند ڪرڻ تي مولانا هدايت الرحمن کي قيد ڪيو ويو آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هتي “ هڪ نه بلڪه ٻه پاڪستان” موجود آهن، غريبن ۽ مظلومن لاءِ انصاف جو پُڙ الڳ ۽ طاقتور توڙي اميرن لاءِ الڳ پيمانو آهي. مولانا هدايت الرحمن جو ڏوهه فقط اهو آهي ته هن گوادر جي ترقي، عوام جي جائز مسئلن، ٽرالر مافيا، صحت،تعليم ۽ صاف پاڻي لاءِ آواز بلند ڪيو، ملڪي معيشت ۾ گيم چينجر قرار ڏنو ويندڙ گوادر جو عوام اڄ به صحت، تعليم ۽ صاف پاڻي سميت بنيادي انساني حقن کان محروم آهي، بلوچستان کي ٻرندڙ جبل نه بڻايو وڃي ۽ مولانا هدايت الرحمن کي في الفور آزاد ڪيو وڃي. ان موقعي تي صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته ناظم عمومي مولانا محمد دين منصوري، سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. هوڏانهن جماعت اسلامي ضلع ڪشمورڪنڌڪوٽ پاران تنگواڻي،ڪشمور، رسالدار ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي، ضلعي امير غلام مصطفى ميراڻي، افضل عطا ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا، لاڙڪاڻي ۾ قاري ابو زبير جکرو، نوشهروفيروز ايڊوڪيٽ شبير خانزاده، نواب شاه ۾ سُرور احمد قريشي، سڪرنڊ ۾ راشد مڪرم، ڪوٽري ۾ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد عمر خان، مٺي ۾ ميرمحمد بُليدي، ميرپورخاص ۾ مقامي امير رفيق چوهاڻ، قنبرعلي خان ۾ مولانا امتياز ڀٽو، عمرڪوٽ ۾ خليل احمد کوکر، دادو محمد موسى ٻٻر جڏهن ته راڄو نظاماڻي ۾ مقامي امير عامرشيخ، عبدالقادر نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.#










