سج گرهڻ، جا مختلف برجن لاءِ مثبت ۽ منفي اثر

سج گرهڻ، جا مختلف برجن لاءِ مثبت ۽ منفي اثر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سومر ڏينهن 17 فيبروري واري سج گرهڻ ڪهڙن ستارن يعني برجن لاءِ بهتر ۽ ڪهڙن لاءِ خراب ثابت ٿيندي ۽ ان جا اثر ڪيتري عرصي تائين جاري رهندا. ان بابت ناليواري ايسٽرولوجسٽ ۽ پامسٽ ڀڳوانداس جٽيا هندي جي لال ڪتاب آڌار هي نتيجو ڪڍيو آهي.
حمل: هن برج وارن ماڻهن لاءِ اها سج گرهڻ نيڪ شگون نه رهندي، هن اسٽار وارن ماڻهن کي سياسي، ڪاروباري ۽ قانوني معاملن ۾ احتياط کا ڪم وٺڻ گهرجي.
ثور: برج وارن لاءِ ذهني ۽ جسماني طور ڊسٽرب ٿي سگهن ٿا.
جوزا: برج وارن لاءِ هي سج گرهڻ بهتر ثابت ٿيندي، سندن رڪيل ڪم ٿيندا ۽ کين مختلف معاملن ۾ خوشخبري ملي سگهي ٿي. بانڊ يا لاٽري به لڳي سگهي ٿي.
سرطان: هن برج وارن لاءِ اها گرهڻ ذهني سڪون جو سبب بڻجي سگهي، ڇڪتان گهٽ ٿيندي ۽ سندن زندگي م بهتري ايندي.
اسد: برج وارن جي طبيعت ۾ ڀاري پن رهندو، هن برج وارن ماڻهن کي ڪاوڙ ۾ ڪو به فيصلو نه ڪرڻ گهرجي ۽ احتياط ڪرڻ گهرجي.
سنبلا: وارن کي صلاح آهي ته هو پنهنجي ذهن ۽ طبيعت کي ٿڌو رکن، ڪاوڙ ۾ فيصلا ڪرڻ کان پاسو ڪن.
ميزان: برج وارن کي خوشخبري ملندي، سندن ماضي ۾ رڪيل ڪم ٿيندا، مالياتي معاملا به بهتر ٿيندا.
عقرب: هن برج وارن ماڻهن کي احتياط ڪرڻ گهرجي، سندن ذاتي، ڪاروباري ۽ ملازمت جي معاملن ۾مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. خرچن م اضافو ٿيندو، ڪاوڙ، بحث ۽ تڪرارکان احتياط ڪرڻ گهرجي.
قوس: هن برج وارن لاءِ سج گرهڻ جا مثبت نتيجا نڪرندا ۽ حالتون نارمل رهنديون.
جدي: برج وارن لاءِ مارچ کان بهترين نتيجا ملندا، زندگي ۾ ڄڻ بهار اچي ويندي ۽ رڪيل ڪم ٿي ويندا.
دلو: برج وارن لاءِ سج گرهڻ جا منفي اثر پوندا، خرچ ۾ اضافو ٿيندو، ڪاوڙ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، تڪرار بدران معاملن کي درگزر ڪرڻ گهرجي ۽ صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي.
حوت: برج وارن لاءِ منفي اثر پيدا ٿي سگهن ٿا. هن برج وارن کي قانوني ڪيسن يا ڪاروباري لکت وارن معاهدن کان احتياط ڪرڻ گهرجي، ڇو ته انهن جي زندگي ۾خلفشار جو خدشو آهي.
ايسٽرولوجسٽ منفي اثرن کان بچڻ ۽ مثبت اثرن کي وڌائڻ لاءِ ماڻهن کي مشورو ڏنو آهي ته هو راشن سان گڏ ٻهاري ڪنهن غريب کي دان ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو