ساڍا 12 هزار ڪلوميٽر نان اسٽاپ اڏام ڪندڙ پکي

آڪلينڊ(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن سيٽ لائيٽ ٽريڪنگ ذريعي پتو لڳايو آهي ته دنيا ۾ هڪ پکي اهڙو به آهي جنهن مسلسل 11 ڏينهن اڏام ڀري. آمريڪا جي شهر الاسڪا کان نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ تائين 12 هزار ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪيو. سائنسدان ٻڌائين ٿا ته هن پکي جو نالو انگريزي ۾ godwit (Limosa  Lapponica) آهي. جنهن کي اردو ۾ ليم ڍينگ چوندا آهن.

Screen Shot

تمام ننڍي پڇ ۽ ڊگهي چهنب واري هن پکي جا پر 28 کان 32 انچ تائين ڊگها ٿين ٿا. دنيا ۾ هڪ ساهي ۾ نان اسٽاپ ايترو وڏو فاصلو اڄ تائين ڪنهن به پکي جو رڪارڊ ناهي ڪيو ويو. نيشنل جيوگرافڪ موجب 2007 ۾ هن ئي نسل جي نر پکي 11500 ڪلوميٽر جي اڏام ڀري هئي. هي آرٽيڪل لائيو سائنس ۾ مڪمل تفصيل سان شايع ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو