لاس اينجلز(ويب ڊيسڪ) چين ۽ آمريڪا پاران شپنگ انڊسٽري تي لڳايل ٽيڪس ۽ فيس هڪ سال تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي. رائٽرز جي رپورٽ موجب ان سان چين جي سامونڊي جهازن کي هڪ محطاط اندازي موجب 3.2 ارب ڊالر جوفائدو ٿيندو. جيڪڏهن ٻنهي ملڪن پاران هڪٻئي تي لڳايل ٽيڪس ۽ واڌيل فيس جي ريٽ تي عمل ٿئي ها ته سامونڊي واپار مهانگو ٿي وڃي ها. هن وقت چين جي شپنگ انڊسٽري دنيا جي وڏي ۾ وڏي شپنگ انڊسٽري آهي ۽ هلندڙ سال جي 8 مهينن دوران چين کي وزن جي حساب سان دنيا جي 53 سيڪڙو شپ بلڊنگز جا آرڊر مليا آهن. آمريڪا پنهنجي ان شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پورٽ فيس ۽ ٽيڪس ۾ واڌارو ڪيو هو، جنهن جو اثر پوري دنيا کي ڀوڳڻو پوي ها. آمريڪا جي ناڻي واري سيڪريٽري اسڪاٽ بيسينٽ فاڪس نيوز سان ڳلاهائيندي ٻڌايو ته ان سان سيڪشن 301 تي عملدرآمد معطل ٿي ويندو. هن شق ذريعي چين جي ٺهيل پورٽ ڪرينز تي هڪ سئو سيڪڙو ٽيڪس لڳائي وئي هئي. چين جي تجارت واري وزارت چيو آهي ته ان فيصلي سان چين جي ميري ٽائم، لاجسٽڪس ۽ شپ بلڊنگز سيڪٽر کي فائدو ٿيندو ۽ چين به جوابي پابنديون معطل ڪندو.










